ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس ۾ نئين ڀرتين تائين سپاهين جي مقررين ۽ بدلين تي پابندي لاڳو، ان ڏس ۾ ڊي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ سمورن ايڊيشنل آءِ جيز، ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز کي خط لکي ڄاڻايو آهي ته سنڌ پوليس ۾ سپاهين جي ڀرتين وارو عمل مڪمل ٿيڻ تائين سپاهين جي مقررين ۽ بدلين تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، انهي باوجود آفيسرن پاران سپاهين جي هڪ ضلعي ۽ هڪ يونٽ مان ٻئي ضلعي ۽ يونٽ ۾ بدلي لاءِ سفارشون اماڻيون وڃن ٿيون، جيڪا پاليسي خلاف ۽ ڳڻتي واري ڳالهه آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته ڀرتين وارو عمل مڪمل ٿيڻ تائين سپاهين جي بدلين لاءِ درخواستون نه اماڻيون وڃن. ٻئي طرف سنڌ پوليس هاءِ وي پيٽرول ۾ ڊيوٽي ڏيندڙ اهلڪارن جي بدلي بابت به حڪمنامو جاري ڪري ڄاڻايو ويو آهي ته هاءِ وي پيٽرول ۾ پوليس اهلڪارن کي هڪ سال لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، انهي کان اڳ سندن بدلي ممڪن ناهي