
پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي گرفتاريءَ لاءِ لاهور ۾ پوليس ۽ رينجرز جي زمان پارڪ ڏانهن اڳڀرائي جاري آهي، پوليس ۽ رينجرز جا دستا هڪ ڀيرو ٻيهر زمان پارڪ پهچي ويا، ڪارڪنن پاران شديد پٿراءُ ڪيو ويو، جواب ۾ پوليس پاران شيلنگ جو سلسلو جاري آهي
مزاحمت ڪندڙ پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس جي ٻئي ڏينهن به شيلنگ ڪئي آهي، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن پاران پوليس ۽ رينجرز تي پٿراءُ ڪيو پيو وڃي، پوليس ۽ ڪارڪنن وچ ۾ سموري رات چڪرين جو سلسلو جاري رهيو
😰Hamaray bachchay – such defiance and bravery, MA! #زمان_پارک_پہنچوpic.twitter.com/bnm6P8jBkH
— Saffina Ellahi PTI SMT (@SaffinaEllahi1) March 14, 2023
زمان پارڪ ۾ پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ جهڙپون جاري آهن، پوليس ۽ رينجرز جا دستا زمان پارڪ ۾ عمران خان جي ويجهو پهچي ويا آهن، پوليس ۽ رينجرز کي شديد مزاحمت جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي
— Sheikh Rashid Ahmed (@ShkhRasheed) March 15, 2023
ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته چڪرين دوران 64 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، زخمين ۾ 54 پوليس اهلڪار ۽ آفيسر به شامل، اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته اڄ عمران خان کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو
جڏهن ته زمان پارڪ ڪالهه کان جنگ جو ميدان بڻيل آهي، پوليس جي شيلنگ ۽ هوائي فائرنگ ۾ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، شيلنگ سبب سڄو علائقو متاثر ٿيو آهي، ڪارڪنن جي پٿراءُ ۾ به ڪيترائي پوليس اهلڪار زخمي پڻ ٿيا آهن
هي به پڙهندا
عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيو، ڏسنداسين ته ان جا ڪهڙا نتيجا ٿي سگهن ٿا: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ
جيل وڃڻ لاءِ تيار آهيان، ان جو مون کي يا منهنجي سياست کي ڪو نقصان نه ٿيندو:عمران خان