پوليس ۽ انتظاميا کان ڪم نٿو پڄي ته پوءِ وزيراعظم کي گهرائڻو پوندو: سنڌ هاءِ ڪورٽ

0
187

سنڌ هاءِ ڪورٽ به گم ٿيل ماڻهن واري ڪيس ۾ وزيراعظم کي گهرائڻ جي وارننگ ڏئي ڇڏي آهي

 جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو رمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن پوليس ۽ انتظاميا جي هٿ ۾ ڪجهه به نه آهي ته پوءِ وزيراعظم کي گهرائڻو پوندو

 جسٽس امجد سهتو چيو ته 10 سالن کان روز گم ٿيل ماڻهن جا ڪيس ٻڌي رهيا آهيون، ايترو وقت ٻين ڪيسن کي ڏيون ها ته ڪيترائي ڪيس اڪلائجي وڃن ها

عدالت ۾ درخواست گذار زيب النساء جي وڪيل چيو ته درخواست گذار جو مڙس پاپوش نگر مان 2017 کان گم آهي

هي به پڙهندا

سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽرز ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽرز جا شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم