ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڊفينس ٿاڻي ۾ قانون جي شاگردن تي تشدد واري واقعي جي ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ خلاف وڪيلن ڊفينس موڙ وٽ احتجاج ڪيو ويو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، وڪيل اڳواڻن جو چوڻ هو ته عدالتي حڪمن باوجود پوليس ايف آءِ آر داخل نه پئي ڪري، پوليس جي تشدد سبب هڪ شاگرد آءِ سي يو ۾ داخل ٿيل آهي، پوليس خلاف ايف آءِ آر داخل ٿيڻ تائين احتجاج جاري رهندو. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڊفينس ٿاڻي ۾ قانون جي شاگردن کي حراست ۾ وٺڻ تان جهيڙو ٿيو هو، پوليس لاٺي چارج ۽ شيلنگ ڪئي هئي، پوليس قانون جي شاگردن خلاف ايف آءِ آر پڻ داخل ڪئي هئي