سرحد (رپورٽ: حاڪم ابڙو) پوليس جون ڪوششون ناڪام، راڄوڻي ميڙ منٿ وسيلي مقتول جو لاش 17 ڪلاڪن بعد وارثن حوالي، اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، مختلف اڳواڻ تڏي تي پهتا، پوليس ڪچي جون 2 چوڪيون ختم ڪري ڇڏيون، خبر موجب گذريل ڏينهن ساوند سندراڻي تڪرار تان اغوا بعد بيدردي سان قتل ٿيل بهرام ساوند جو لاش 18 ڪلاڪن کان پوءِ علائقي جي معززن جي منٿ ميڙ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آھي ته پوليس جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿيڻ بعد راڄوڻي ذريعي مقتول بهرام ساوند جو لاش سندراڻي هٿياربندن وٽان ورتو ويو، مقتول بهرام ساوند جو لاش تعلقه اسپتال گهوٽڪي نيو ويو، جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، جنهن بعد مقتول جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي ۾ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سماجي اڳواڻ شائسته بلوچ، افتخار احمد لنڊ، مشتاق شاهي لغاري، عثمان سومرو، رحمان لغاري، الله وسايو گهوٽو، حسن چاچڙ ۽ ٻين ڳوٺ يار محمد ساوند پهچي مقتول جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو، ذريعن جو چوڻ آھي ته بهرام ساوند جي قتل واري واقعي بعد آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد مان گهوٽڪي پوليس پاران ايف سي ۽ سي پيڪ جون ٻه اهم پڪٽون ختم ڪري ڇڏيون آھن، واقعي کي ٻه ڏينهن گذري وڃڻ باوجود پوليس ڪيس داخل ناهي ڪيو، هوڏانهن قادرپور ۾ سندراڻي محلي ۾ پوليس آپريشن ڪري ڪرين مشين سان ڪيترن ئي گهرن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، جڏهن ته جوابدار پوليس جي اچڻ کان اڳ فرار ٿي ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، ڪارروايون جاري رهنديون.

تڪرار ۾ 2 پٽ بيگناهه قتل ڪيا ويا، دنيا ئي اجڙي وئي: امڙ

سرحد: اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرپرسن شائستا بلوچ مقتول بهرام ساوند جي وارثن وٽ پهتي، ان موقعي تي مقتول جي امڙ گلان ساوند چيو ته سندراڻي هٿياربندن پهريان به منهنجو پٽ ٻيلو ساوند بيگناهه قتل ڪيو هو ۽ هاڻي ٻيو پٽ بهرام به اغوا بعد بيدردي سان قتل ڪري منهنجو ويڙهو ئي ويران ڪري ڇڏيو آھي، هن چيو ته بهرام گهر جو وڏو هو، کيس قتل ڪري منهنجي دنيا اجاڙي وئي آهي، هن پٽ جي قتل ۾ انصاف جون التجائون ڪيون.

 

ساوند سندراڻي تڪرار جي خاتمي لاءِ چڱن مڙسن وٽ ميڙ کڻي ويندس: افتخار لنڊ

سرحد: نوجوان سياسي اڳواڻ افتخار لنڊ مقتول بهرام ساوند جي وارثن سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ساوند سندراڻي تڪرار ۾ بيگناهه انسان قتل ٿي رهيا آھن، تڪرار ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي جنهن جو خاتمو ضروري آھي، هن چيو ته ساوند سندراڻي تڪرار جي خاتمي لاءِ قافلو وٺي ٻنهي ڌرين جي چڱن مڙسن وٽ ميڙ کڻي ويندس.