لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ لاڙڪاڻو اسپيشل پوليس فورس ۾ ڪانسٽيبل جي ڀرتين ۾ ميرٽ جي لتاڙ ۽ فائنل ميرٽ لسٽ جاري نه ڪرڻ تي پاڪستان ٽيسٽنگ سروس معرفت ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جي پٽيشن تي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي پوليس اسٽبلشمينٽ سميت رڪروٽمينٽ بورڊ جي چيئرمين ۽ ميمبرن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، پٽيشن جي ٻڌڻي 20 سيپٽمبر تي ٿيندي، ان سلسلي ۾ سنڌ پوليس جي اسپيشل پوليس فورس ۾ ڪانسٽيبل لاءِ جسماني امتحان پاس ڪري پاڪستان ٽيسٽنگ سروس معرفت لکت ٽيسٽ ڏيڻ بعد انٽرويو ڏيندڙ لاڙڪاڻي واسي اميدوارن ساحل رضا، محمد صيفل، هالار خان، نياز حسين ڀٽو، سرواڻ آگاڻي ۽ نورالله طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ لاڙڪاڻو ۾ پٽيشن داخل ڪرائي، جنهن ۾ اميدوارن سيڪريٽري گورنمينٽ آف سنڌ، سنڌ پوليس ڊپارٽمينٽ ڪراچي، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي پوليس اسٽبلشمينٽ ڪراچي، چيئرمين رڪروٽمينٽ بورڊ ايڊيشنل آءِ جي پوليس سي ٽي ڊي ڪراچي، رڪروٽمينٽ ڪاميٽي جي ميمبرن ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو ته اسان سنڌ پوليس جي اسپيشل پوليس فورس ۾ پوليس ڪانسٽيبل بي پي ايس 5 جي لاءِ درخواستون جمع ڪرائي جسماني امتحان پاس ڪري پاڪستان ٽيسٽنگ سروس معرفت لکت ٽيسٽ ڏيڻ بعد انٽرويو ٽيسٽ پاس ڪري 60 کان 78 مارڪون کنيون، ڄاڻايل ڀرتين لاءِ ڊسمبر 2021ع دوران جاري ڪيل اشتهار موجب سنڌ پوليس جي رٽائرڊ ملازمن يا 25 سال سروس مڪمل ڪندڙ ملازمن جي پٽ يا ڌيءَ کي 15 اضافي مارڪون ڏنيون وينديون جڏهن ته ٻه پٽيشنر ساحل رضا ۽ نورالله ان ذمري ۾ اچن ٿا جن کي اضافي مارڪون نه ڏنيون ويون، آفيسرن بدديانتي جو مظاهرو ڪندي پنهنجي من پسند ۽ سياسي پٺڀرائي رکندڙ اميدوارن کي فائدو پهچائڻ لاءِ ميرٽ تي پاس ٿيل اميدوارن کي سراسر نظرانداز ڪري ميرٽ جي ڀڃڪڙي ڪري فائنل ميرٽ لسٽ جاري نه ڪئي جڏهن ته ڄاڻايل آفيسرن کي فائنل ميرٽ لسٽ جاري ڪرڻي آهي، عدالت کي استدعا آهي ته لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن سان واسطو رکندڙ ڪامياب اميدوارن جي فائنل ميرٽ لسٽ جاري يا شايع ڪرائي وڃي، اڳ جاري ٿيل لسٽ غيرقانوني، ضابطه اخلاق ۽ شفافيت جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي وڌيڪ پراسز کي روڪيو وڃي.