دادو/ پيارو اسٽيشن ( ن پ ا ) پيارو اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ ٻاجهي ڪلوئي ۾ معمولي ڳالهه تان جھيڙي جي نتيجي ۾ جوابدار چاچي واحد بخش ڪلوئي پنهنجي ڀائيٽي 30 ورهين جي خدا بخش ولد فيض محمد ڪلوئي کي بندوق جي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو. مقتول خدابخش ڪلوئي جو جو لاش ضروري ڪاروائي لاءِ پيارو پوليس دادو سول اسپتال پھچايو، جتان ضروري ڪارروائي کان پوءِ مقتول جو لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو. لاش گھر پھچڻ تي گهر ۾ گھرام مچي ويو. ٻئي پاسي پيارو پوليس کان موقف وٺڻ تي معلوم ٿيو آهي ته معاملو گهرون ٻڌايو پيو وڃي وارثن في الحال واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ڪرايو آهي. جوابدار واقعي واري جاءِ تان فرار ٿي ويو آهي جنهن جي گرفتاري جي لاء مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي رهيا آهيون. ياد رهي ته 3 ڏينهن اڳ مقتول نوجوان خدابخش جي ڀاءُ انور ڪلوئي زال خيران سميت دادو پريس ڪلب پهچي دانهيو هو ته پلاٽ جي معاملي تان کين موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ، انور ڌمڪيون ڏيندڙن ۾ پنهنجي چاچي واحد بخش جو به نالو کنيو هو ، جنهن جي 3 ڏينهن کانپوءِ سندس ڀاءُ خدابخش کي قتل ڪيو ويو آهي.