ڳڙهي خيرو: مقتول خاندان جو اڪيلو بچي ويل نوجوان اسلم ڪٽوھر چيو آهي ته پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران اسان مٿان راڄوڻي لاءِ دٻاءُ وجھي رھي آھي. پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي هن پوليس مٿان الزام ھنيو ته جيڪب آباد پوليس اسان کي تحفظ فراھم ڪرڻ يا جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران چئي رهي آهي ته مخالفن سان ٺاهه ڪريون، هن چيو ته منھنجي پيءُ، ڀاءُ ۽ ڀائيٽن جو اڃا ٽيجھو به نه گذريو آھي ۽ اسان مٿان راڄوڻي لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کين سزا ڏني وڃي. هن چيو ته پوليس ڌر بڻيل آهي ۽ اڃا تائين هڪ به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو.