دادو(رپورٽر ) سي آءِ اي سينٽر دادو جي پوليس شاهاڻي پاڙي ۾ لال هندي قبرستان ۾ ڇاپو هڻي وڪيل شهمير چهواڻ جي ڀيڻ فهميده عرف بيبي چهواڻ کي گرفتار ڪري سندس خلاف منشيات ايڪٽ تحت اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ پوليس فهميده کي رمانڊ لاءِ ٿرڊ مئجسٽريٽ قمبر علي جمالي جي عدالت ۾ رمانڊ لاءِ پيش ڪيو ، وڪيل فهيم اختر گهلو ، ڪوڙا خان ميمڻ سميت وڏي انگ ۾ وڪيلن عدالت سي پي آر سي 63 تحت عدالت کي درخواست ڏني ته، وڪيل شهمير چهواڻ جي ڀيڻ فهميده کي پوليس بيگناھه گرفتار ڪيو آهي، پوليس گهر ۾ داخل ٿي فهميده کي گهر مان گرفتار ڪري وومين پروٽيڪشن سيل آندو ۽ ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آهي ته فهميده کي لال هندي قبرستان مان گرفتار ڪيو آهي، وومين پروٽيڪشن سيل پهتاسين ته پوليس اسان جي سامهون اي سيڪشن ٿاڻي تان ايف آء آر بوڪ گهرائي ايف آءِ آر داخل ڪئي ۽ اتي جو اتي مشير نامو لکيو ۽ فريادي اي ايس آءِ منير احمد ڏاوڇ پوءِ ٿاڻي تي آيو هو، وڪيل جي دليلن تي عدالت پوليس جي رمانڊ واري استدعا رد ڪندي فهميده چهواڻ کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ايف آءِ آر برقرار رکڻ جو حڪم ڏنو، پوليس پاران ٺوس ثبوت پيش ڪرڻ جي صورت ۾ ڪيس هلايو ويندو، عدالت پاران وڪيل جي ڀيڻ فهميده کي آزاد ڪرڻ تي سخت نعري بازي ڪئي وئي، وڪيل فهيم اختر گهلو ۽ ٻين وڪيلن پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته وڪيل شهمير چهواڻ جون ايم پي اي پير مجيب الحق سان سياسي وابستدگيون آهن، انتقامي ڪارروائي طور وڪيل شهمير چهواڻ کي بليڪ ميل ڪرڻ ۽ پريشر وجهڻ لاءِ سندس ڀيڻ فهميده کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو. پوليس ڇاپي دوران هٿ آيل پراپرٽي چرس سميت فهميده جا ڦوٽيج نه ٺاهيا، جيڪي پوليس کي بروقت ٺاهڻا هوندا آهن، ان کان اڳ ڊسمبر 2024ع ۾ به اي سيڪشن پوليس منشيات جي هڪ ڪيس جي چالان فهميده جو نالو ڏئي کيس منشيات فروش طور پيش ڪيو، ان ڪيس سندس ضمانت ٿيل آهي، اصل ۾ ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي مخالفن جي چوڻ تي انتقامي ڪارروائي طور وڪيل شهمير چهواڻ کي جهڪائڻ لاءِ سندس ڀيڻ کي گرفتار ڪيو، جيڪو پوليس جو ڪريل عمل آهي، ايس ايس پي کي هٿ ٻڌي عرض ٿا ڪيون ته قانون جي بالادستي لاءِ اختيار ڪيو ، ڀوتارن جي هٿن ۾ استعمال نه ٿيو ته بهتر ٿيندو.
شهمير چهواڻ جي ڀيڻ منشيات سپلاءِ ڪندڙ آهي: ايس ايس پي دادو
دادو: پوليس پاران وڪيل شهمير چهواڻ جي ڀيڻ فهميده کي منشيات جي ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ بابت ايس ايس پي دادو ۾ امير سعود مگسي جو چوڻ آهي ته وڪيل شهمير چهواڻ جي ڀيڻ منشيات سپلاءِ ڪندڙ آهي، دادو شهر جا رهواسي گواھ آهن ته فهميده، سندس مڙس هيروئن، چرس، آئيس جو ڪاروبار ڪندا آهن ۽ پوليس کيس سڳ سوڌو گرفتار ڪيو آهي، ڪنهن جي به چوڻ تي ڪارروائي ناهي ٿي، اهڙن الزامن ۾ صداقت ناهي.
|
پوليس ڀيڻ سان گڏ منهنجي ڀاڻج کي به گم ڪري ڇڏيو آهي: شهمير چهواڻ
دادو: وڪيل شهمير چهواڻ جو چوڻ آهي ته پوليس منهنجي ڀيڻ فهميده سان گڏ گرفتار ڪيل سندس پٽ رضوان احمد کي پراسرار نموني گم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بابت پوليس ڪجھ به نه پئي ٻڌائي ، جنهن جي زندگي خطري ۾ آهي ، کيس ڪجھه به ٿيو ته ذميوار ايس ايس پي دادو هوندو.