ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) پوليس کاتي جي ميرٽ لسٽ ۾ اميدوارن سان ٿيل مبينا ناانصافين خلاف ٿرپارڪر جي اميدوارن پونم، راجا، سنجي، سروڻ، موتي، رميش، ويرجي ء ٻين پاران هائي ڪورٽ سرڪٽ بينچ ۾ داخل ڪرايل آئيني پٽيشن تي ٻڌڻي ٿي، جتي عدالت پاران متاثر اميدوارن جا دلائل ٻڌڻ بعد پوليس پاران جاري ڪيل ميرٽ لسٽ تي اسٽي آڊر جاري ڪندي لاڳاپيل اختيارن کي 23 اپريل تي سموري ريڪارڊ سان گڏ پيش ٿيڻ جا نوٽس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 23 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، ان موقعي جي متاثر اميدوارن جي وڪيل سترام ڀيل ٻڌايو ته اسان پاران پٽيشن داخل ڪري موقف رکيو ته پوليس پاران جاري ڪيل ميرٽ لسٽ ۾ قابل اميدوارن کي فيل ڄاڻائي ميرٽ جي لتاڙ ڪئي وئي آهي جنهن تي عدالت سڳوري لاڳاپيل اختيارن کي نوٽس جاري ڪندي 23 اپريل تي سموري رڪارڊ سان گڏ پيش ٿيڻ سميت 23 اپريل تائين ميرٽ لسٽ تي اسٽي ڏئي ڇڏيو آهي، هن چيو ته ميرپورخاص ڊويزن جي ٻن ضلعن ٿرپارڪر ء عمرڪوٽ ۾ 54 سيڪڙو اقليتي آبادي رهي ٿي اهڙي طرح ميرپورخاص ۾ 23 سيڪڙو اقليتي آبادي موجود آهي جنهن باوجود اسان کي جنرل ڪوٽا ۾ نظرانداز ڪيو آهي جيڪا سراسر ميرٽ جي لتاڙ آهي، هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڊويزن جي 100 مارڪون کڻندڙ اميدوار کي ويٽنگ لسٽ ۾ رکيو ويو آهي جڏهن ته 47 مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي ميرٽ لسٽ ۾ رکيو ويو آهي جيڪا ناانصافي آهي،