لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) جي يو آءِ اڳواڻ مولانا ناصر محمود سومرو ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس گردي واري عمل جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پوليس اهلڪار ڌاڙيل آهن يا پوليس وارا، هي ڪنڌڪوٽ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ پوليس به ڌاڙيل بڻيل آهي ته پوءِ مغوين کي ڪير بازياب ڪرائيندو ۽ جيڪڏهن ڪنهن مغوي کي بازياب ڪرايو ويو آهي ته اهي ڪيئن بازياب ٿيا آهن، هن چيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ پرامن مظاهرين مٿان پوليس تشدد جي مذمت ڪيون ٿا.