حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر ۽ ٻين ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني خلاف پرامن احتجاج ڪندڙن کي ايس ايچ او طرفان ڌمڪائڻ واري عمل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پوليس ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران شهرين کي ڌمڪائي رهي آهي. پوليس ڌاڙيلن جي سرپرستي ۾ سموريون حدون اورانگهي ڇڏيون آهن. پوليس آفيسر ۽ اهلڪار پروٽوڪول ۾ ڌاڙيلن کي هٿيار پهچائڻ جون خبرون به رپورٽ ٿيل آهن. هڪ بيان ۾ انهن سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ قائم ڌاڙيل راڄ جو سوموٽو نوٽيس وٺي. هنن چيو ته سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ رياستي رٽ ختم ٿي چڪي آهي. ٻئي ڊويزنون ڌاڙيلن حوالي ڪيون ويون آهن. سنڌ توڙي وفاقي حڪومت جي سرپرستي ۾ سنڌ اندر اغوا انڊسٽري قائم ڪئي وئي آهي. سنڌ پوليس ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي بدران ڌاڙيلن جي سهولتڪاري ۾ مصروف آهي. اهڙي صورتحال ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.