ڪراچي: وحدت مسلمين جي اڳواڻ حسن ظفر نقوي چيو آهي ته ڪراچي پوليس چيف بادشاهه آهي، جيڪو وڻيس ڀلي چوي، اسان جون ڪنهن سان به ڳالهيون نه ٿيون آهن، خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪراچي ۾ اسان جا ڌرڻا جاري آهن، علامه ناصر عباس هدايت ڪئي ته سمورا رستا بند نه ٿيڻ گهرجن، ڌرڻا ختم نه ڪيا ويندا، هي ڏنڊا هڻي، گوليون هڻي ۽ شيلنگ ڪرائي ڌرڻا ختم ڪرائڻ گهرن ٿا ته ڀلي ڪن، اسان جو مرڪزي ڌرڻو پارا چنار ۾ آهي، اُهو ختم ٿيندو ته اسان به اُٿي هليا وينداسين، هينئر حڪومت يا پوليس سان ڪي به ڳالهيون جاري نه آهن…