سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ پوليس ۾ 25 هزار اهلڪار آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروس معرفت ڀرتي ڪرڻ وارو معاملو، فزيڪل ٽيسٽ پاس 75172 اميدوارن کان لکت واري ٽيسٽ وٺڻ وارو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، ڪالهه سکر، ڪراچي، حيدرآباد، نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻو ۾ امتحاني سينٽر قائم ڪيا ويا، جتي سنڌ پوليس ۾ 25 هزار اهلڪارن جي جي خالي جاين لاءِ 2 لکن کان وڌيڪ اميدوارن حصو ورتو، جن مان فزيڪل ٽيسٽ ۾ 75172 اميدوار پاس ٿيا هئا، اِن ڏس ۾ آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروس جي ترجمان مطابق آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروس پاران سنڌ پوليس ۾ ڀرتي لاءِ لکت ٽيسٽ وارو عمل شروع ڪيو ويو آهي، ٻن ڏينهن تائين پوليس ۾ ڀرتي لاءِ جاري رهندڙ ٽيسٽ ۾ 75172 اميدوارن حصو ورتو، پوليس ۾ ڀرتي لاءِ ڪراچي، حيدرآباد، نوابشاهه، سکر ۽ لاڙڪاڻو ۾ امتحاني سينٽر قائم ڪيا ويا، سکر ۾ صبح ۽ شام جي وقت ٻن شفٽ ۾ اميدوارن کان ٽيسٽ ورتي وئي، پوليس ۾ ڀرتيءَ لاءِ ڪراچي ۾ 21 هزار 63، حيدرآباد ۾ 19 هزار 410، شهيد بينظير آباد ۾ 10 هزار 310، سکر ۾ 13 هزار 679، شهيد بينظير آباد ۾ 10 هزار 310 اميدوار لکت واري ٽيسٽ ۾ حصو ورتو، ٽيسٽ جا انتظام آءِ بي اي سکر ٽيسٽنگ سروس سرانجام ڏئي رهي آهي، جڏهن ته سنڌ پوليس جا آفيشلز به ٽيسٽ جي نگراني ڪري رهيا آهن، وائيس چانسلر آءِ بي اي يونيورسٽي ۽ سي اي او ايس ٽي ايس پروفيسر ڊاڪٽر آصف شيخ پاران امتحاني سينٽرز جو دورو ڪيو ويو، هن جو چوڻ هو ته ميرٽ ۽ شفافيت اسان جي سڃاڻپ آهي، ميرٽ کي هر ممڪن يقيني بڻايو ويندو.