سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ پوليس ۾ 25 هزار سپاھين جي ڀرتي وارو مامرو. جاري ڪيل نتيجن ۾ 182 فيل اميدوارن کي اپڊيٽ ڪيل رزلٽ پاس ڄاڻايو ويو. آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروس پاران 24 سپيٽمبر تي جاري ڪيل نتيجن ۾ 53921 اميدوارن کي پاس ڄاڻايو ويو، جڏهن ته 26 سيپٽمبر تي جاري ڪيل نتيجن ۾ 54103 اميدوارن کي پاس ڄاڻايو ويو آهي. پوليس ڪانسٽيبل لاءِ ٽيسٽ ڏيندڙ هڪ اميدوار جون پهريان 28 ۽ هينئر 75 مارڪون هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. 24 تاريخ تي اپلوڊ ڪيل نتيجن ۽ اپڊيٽ ڪيل نتيجن ۾ فرق تي شڪايتون به عام ٿي ويون آهن. شڪايتن موجب ٽيسٽنگ سروس جي انتظاميا مبينا طور رشوت وٺي رزلٽ ۾ تبديلي ڪري رهي آهي. شڪايتون آهن ته ٽيسٽ جي ڪيز مطابق 50، 70 کان به وڌيڪ مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن کي به پهرين نتيجي ۾ فيل ڄاڻايو ويو آهي. ايس ٽي ايس انتظاميا موجب هڪ ئي وقت لکين ماڻهن جي ويبسائيٽ تي ٽريفڪ سبب ٽيڪنيڪل مسئلو هوندو. ويبسائيٽ تي رزلٽ موجود آهي. نتيجن جي اعلان بعد ٽيڪنيڪل مسئلي جي نشاندهي ڪئي وئي، ڪجهه اميدوارن پنهنجون شڪايتون آن لائين پورٽل تي پيش ڪيون، نتيجن جي تصديق ٿيل هڪ ڪاپي اڳ ئي اميدوارن وٽ موجود هوندي آهي، آن لائين ڪيل شڪايتن کي درست ڪري رزلٽ ويبسائيٽ تي اپلوڊ ڪيو ويو آهي. فني خراب ڪري پيش ايندڙ ماڻهن کي تڪليف تي افسوس آهي.