پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل جي بائجي پوليس پاران عورتاڻي آواز تي ھرکجي ڪچي طرف ويندڙ جيڪب آباد واسي ٻن نوجوانن کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. پوليس موجب جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ ٻه نوجوانن قادر ۽ مبين کي عورتاڻي آواز تي اغوا ڪرائڻ لاءِ گھرايو پئي ويو. ايس ايس پي سکر عرفان سمون جو چوڻ هو ته اطلاع ملندي ئي بائجي پوليس سان رابطو ڪري ٻنھي نوجوانن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي . ٽيڪنيڪل رپورٽ موجب ٻنھي نوجوان کي تيغاڻي گروپ جي ڏوھارين پاران عورتاڻي آواز تي شادي جو لالچ ڏئي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پئي، قانوني ڪاروائي بعد ٻنھي نوجوانن کي وارثن حوالي ڪيو ويندو.
Home سڀ کان وڌيڪ پڙهيون ويندڙ خبرون پوليس پاران عورتاڻي آواز تي ھرکجي ڪچي طرف ويندڙ ٻن نوجوانن کي...