اڪري چودڳي (ن پ ا) سعيد آباد پوليس ٽريننگ سينٽر تي لوئر ڪلاس جي ٽريننگ ڪندڙ پوليس اهلڪار پاران سهولتن جي کوٽ بابت دلچسپ انداز ۾ ڪيل شڪايتن واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. سيٺارجا ٿاڻي تي مقرر پوليس اهلڪار غلام نبي شر لوئر ڪلاس جي ٽريننگ دوران سينٽر ۾ سهولتن جي کوٽ ۽ پيش ايندڙ ڏکيائين جو وعظ واري انداز ۾ بيان ڪندي چئي رهيو آهي ته پڙهي لکي آفيسر ٿيو يا ماستر ٿيو، پوليس وارا نه ٿجو، ڇو جو اسان تڪليف ۾ آهيون. جيڪو به پيءُ ماءُ جو نافرمان آهي اهو ئي پوليس ۾ ڀرتي ٿيندو. غلام نبي شر مزاحيه انداز ۾ دانهيندي چيو ته آرام به نه ٿا ڪري سگهون، سيٽي لڳڻ شرط گرائونڊ تي پهچي وڃون ٿا، ڊڊو چال دوڙي چل سميت مختلف ڪرتب ڏيکارڻا پون ٿا. پوليس اهلڪار موجب لا پڙهائيندڙن جا نخرا پڻ سمجھه کان ٻاهر آهن. غير معياري کاڌي سبب هاضمو خراب رهندو آهي. واش رومن جي حالت پڻ خراب آهي، دعا ڪيو ته خير سان لوئر ڪلاس ٽريننگ پوري ڪري سگهون. پوليس اهلڪار جي اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد پوليس ٽريننگ سينٽرن جي بدانتظاميءَ تي آڱريون کڄڻ لڳيون آهن. سوشل ميڊيا تي پوسٽن ۽ ڪمينٽس ذريعي انتظاميا کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. سوشل ميڊيا صارفن پاران آءِ جي سنڌ کي پوليس ٽريننگ سينٽرن جي حالت بهتر بنائڻ ۽ جوانن کي گهربل سهولتون فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.