پشاور(م ڊ) خيبرپختونخوا پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن لاءِ ظابطا اخلاق جاري ڪيا ويا آهن. خيبرپختونخوا جي ڊي آءِ جي آپريشنز طرفان پوليس آفيسرن کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته گنرز سميت اهلڪارن سميت کي سياسي ميڙاڪي ۾ وڃڻ کان روڪيو وڃي، ڪو به اهلڪار صوبي کان ٻاهر ڪنهن به حيثيت سان ڪو ڪردار ادا نه ڪندو. خط جي متن موجب، پوليس جو فرض آهي ته غير سياسي رهي ۽ قانون جي حڪمراني کي برقرار رکي، اسان آئين ۽ قانون موجب غيرجانبداري سان فرض سرانجام ڏيڻ جا پابند آهيون، پوليس زبردستي يا غير ضروري اثر رسوخ خلاف مزاحمت جي پابند آهي. ڊي آءِ جي آپريشنز چيو ته سرڪاري وسيلا يا اختيار سياسي پارٽيءَ جي حمايت لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجن، اهڙي قسم جي طريقن ۾ ملوث هئڻ اداري جي اخلاقي معيار کي مجروح ڪري ٿو، سمورا ملازم پيشيوراڻي طريقي سان فرض انجام ڏيڻ جا پابند آهن. خط موجب، هدايتن تي عملدرآمد ڪيو وڃي، ڪنهن به آفيسر يا اهلڪار حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي ته سندس خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي