جيڪب آباد: ذريعن موجب پوليس نيب حملي ڪيس ۾ 200 اڻڄاتل جوابدارن کي ريليف ڏئي ڇڏيو آهي، ڇو ته نيب حملي دوران فوٽيج ۾ اھي جوابدار واضح ظاهر ٿيل آھن جيڪي جاءِ واردات واري هنڌ ڇڪتاڻ ۾ گڏ ھئا، جنهن ۾ پ پ جا اڳواڻ به شامل آهن پر پوليس سياسي اثر رسوخ سبب انھن جا نالا ڪيس ۾ شامل ناهن ڪيا.