پوليس جي سرپرستيءَ ۾ ٿيندڙ منشيات جي تياري ۽ وڪرو

0
23
کنڊ: ايڪسپورٽ- امپورٽ راند

شايد ئي ڪو ڏينهن هجي، جو سنڌ ۾ ‘منشيات’ پڪڙجڻ يا وري ماڻهن جي منشيات وگهي حياتين کان محروم ٿيڻ جون خبرون رپورٽ نه ٿينديون هجن، سنڌ ۾ منشيات جي تياري، وڪرو هڪ منظم رٿابنديءَ تحت همٿايو پيو وڃي، جنهن ڪري نوجوان نسل “آفيمي چينين” وانگر تباهه ٿي رهيو آهي. اهو ڀلا ڪيئن ممڪن آهي ته منشيات جي تياري، وڪرو ۽ واهپو عام هجي پر پوليس کي پتو ئي نه پوي؟ ڪڏهن منشيات پوليس موبائلن مان پئي هٿ اچي ته ڪڏهن اسپتال جي ايمبولينسن مان پئي پڪڙجي.

منشيات سبب سنڌ جو نوجوان نسل تباهه پيو ٿئي، سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ “ڪڙي ۽ قاتل” جو بَٺيون آهن، جتي پوليس جي سرپرستيءَ ۾ ڪچو شراب/ٺرو ٺهي ۽ وڪرو ٿئي ٿو. شام ٿيندي ئي موکيءَ وارا مَٽ اپٽجن ٿا، گهٽين ۾ موالين جون هسٽريائي رڙيون هونديون آهن. فرسٽريشن ۽ نراسائيءَ جا شڪار ماڻهو اهو ‘اسم’ واپرائين ٿا. جنهنڪري اهي نه صرف جسماني بيمارين جو شڪار ٿين ٿا، پر اتي ذهني صحت ۽ سگهائي به وڃائي ٿا ويهن. سنڌ ۾ گٽڪي ۽ مين پڙين جي تياري، وڪرو ۽ واهپو عام آهي، جنهن ڪري وات ۽ نڙيءَ جو ڪئنسر تيزيءَ سان ڦهلجي رهيو آهي. هزارين ماڻهو گٽڪو ۽ مين پڙي واپرائڻ سبب حياتيون وڃائي چڪا آهن، اها ايف آءِ آر ڪنهن تي ڪٽرائجي؟ ان کان سواءِ ٻيون خطرناڪ ڪيميڪلز واريون پڙيون، جهڙوڪ: سفينه، ايڪيهه سئو وغيره ته عام گٽڪي ۽ مين پڙين کان به خطرناڪ آهن. گٽڪي ۽ مين پڙي جي تياري، وڪري ۽ واهپي خلاف ڪريڪ ڊائون ته ٿيندو رهي ٿو، پر ان ۾ جيڪي ماڻهو گرفتار ٿين ٿا، انهن کي ڪا وڏي سزا نٿي ملي، جيڪو صرف ۽ صرف قانون ۾ سقم جي ڪري آهي، ڇو ته انهن کي منشيات ۾ نٿو ڳڻيو وڃي.

پڙهندڙن کي ياد هوندو ته ٻه سال اڳ پوليس جي اسپيشل برانچ جي رپورٽ ۾ سنڌ ۾ گٽڪي جا ڪارخانا پوليس جي سرپرستيءَ ۾ هلڻ جو انڪشاف ڪندي ڄاڻايو ويو هو ته، ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ گٽڪي جا 151 ڪارخانا هلندڙ آهن، جن مان 41 ڪارخانن کي پوليس جي سرپرستي حاصل آهي. ان کانسواءِ ڪراچيءَ ۾ 733 گٽڪا فروش ڪاروبار ڪري رهيا آهن آهن، جن مان 103 گٽڪا فروشن کي پوليس جي سرپرستي حاصل آهي. حيدرآباد ۾ گٽڪي جا 523 ڪارخانا هلندڙ آهن، جن مان 74 ڪارخانا پوليس جي سرپرستيءَ ۾ هلي رهيا آهن. رپورٽ موجب، ميرپور خاص  ۾ 102، سکر ۾ 35، لاڙڪاڻي ۾ 34 ۽ شهيد بينظيرآباد ۾ گٽڪي جا 84 ڪارخانا هلندڙ آهن. اها رپورٽ ته ٻه سال اڳ جي آهي، هن وقت ڪهڙي صورتحال آهي، منشيات جي تياري، وڪرو ۽ واهپي وڌيو آهي، اها صورتحال انتهائي ايذائيندڙ آهي.

گٽڪو نه صرف ڪئنسر ڦهلائي ٿو پر وات ۽ نڙيءَ جون تمام خطرناڪ بيماريون پڻ پيدا ڪري ٿو. گٽڪي جي نالي جي لڪ ڪرڻ لاءِ ان کي ٻهراڙين ۽ شهرن ۾ “مائو” سڏيو وڃي ٿو. اهو ساڳيو حال مين پڙي جو پڻ آهي. هاڻي ته خطرناڪ ڪيميڪلن مان تيار ٿيل مين پڙيون سفينه، ايڪيهه سئو سميت مختلف نالن سان هلن ٿيون. مين پڙي ۽ گٽڪو سنڌ ۾ وڏي پئماني تي وات ۽ نڙيءَ جي ڪئنسر جي ڦهلاءَ جو سبب بڻيل آهن. سنڌ ۾ سڀ کان گهڻو گٽڪو ٺٽي ۽ سجاول ضلعن ۾ هلي ٿو. گٽڪي جا ڪارخانا هلائي موت جو وکر وڪڻندڙ ڪيترا با اثر آهن، اها ڳالهه سمجهائڻ لاءِ اسان اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي ان اعتراف جو حوالو ڏيڻ به مهلائتو سمجهون ٿا، جيڪو ان چونڊيل ايوان ۾ ڪيو هو. سندس چوڻ هو ته گٽڪي جو ڪاروبار ڪندڙ ايترا ته با اثر آهن، جو اسان کي گٽڪي خلاف سختي ڪندڙ ٺٽي جي ايس ايس پي جي قرباني (ٽرانسفر) ڏيڻي پئي هئي.

اسان سمجهون ٿا ته گٽڪي ۽ مين پڙين جي صورت ۾ ٿيندڙ ڪئنسر جو وڪرو ايستائين بند نه ٿي سگهندو، جيستائين انهن شين لاءِ قانونسازي ڪري انهن کي “منشيات” جي ڪئٽيگري ۾ شامل ڪري سخت سزا مقرر نه ڪئي ويندي.