پيرجوڳوٺ: ٻن ڄڻن جي قتل واري واقعي ۾ ملوث ناريجا جوابدارن جي گرفتاري لاءِ خيرپور جي مختلف ٿاڻن جي پوليس فيض محمد ٻنڊو واري علائقي ۾ آپريشن جيو، جڏهن ته ڳوٺ مهرل ناريجو ۽ ٻين ڳوٺن تي ڇاپن دوران شڪ جي بنياد تي 6 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، جن کي نامعلوم هنڌ منتقل ڪري پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

ناريجا سولنگي برادري جي ماڻهن جي محفوط هنڌن تي لڏپلان

پريالوءِ: ٻنهي ڌرين جي جهيڙي سبب فيض محمد ٻنڊو، ڪوٽ مير محمد، وڏا ماڇيون، پيرجوڳوٺ، پريالوءِ، صدرجي ڀتيون ۽ ٻين علائقن ۾ سخت خوف واري صورتحال آهي ۽ ٻنهي برادرين سان تعلق رکندڙ گهرن تائين محدود ٿي ويا اهن، اطلاع آهن ته پيرجوڳوٺ شهر سميت ڀرپاسي جي مختلف علائقن مان ٻنهي ڌرين جا ماڻهو وڏي انگ ۾ لڏ پلاڻ ڪري ويا آهن.

ناريجا سولنگي تڪرار ۾ ٻنهي ڌرين جا 8 ڄڻا قتل ٿي چڪا

پريالوءِ: ٻڌايو پيو وڃي ته هڪ مهينو اڳ سولنگي برادري سان تعلق رکندڙ پوليس اهلڪارن هٿان فيض محمد ٻنڊو ۾ سائين ڏنو ناريجو مارجي ويو هو، جنهن تان سولنگي ناريجا تڪرار شروع ٿيو، سولنگي ناريجا تڪرار تان هن وقت تائين ناريجا برادري جا سائين ڏنو ناريجو، ميانداد ناريجو، قائم الدين ناريجو ۽ اعجاز علي ناريجو قتل ٿي چڪا آهن، جڏهن ته سولنگي ڌر جا سراج احمد، عتيق الرحمان، ثناءُ الله ۽ محمد يامين سولنگي قتل ٿي ويا آهن.