حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ يونيورسٽي جي سئو شاگردن تي تڪراري ڪئنالن خلاف احتجاج ڪرڻ جي ڏوھه ۾ داخل دھشتگردي ڪيس ۾ ڄامشورو پوليس جاچ ۾ ثبوت پيش نه ڪري سگهي، ايس ايس پي ڄامشورو رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي، عدالت ڪيس سي ڪلاس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي. ان ڏس ۾ سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جسٽس امجد ٻوھيو ۽ جسٽس امجد سھتو تي مشتمل ڊويزنل بئنچ ٻڌڻي ڪئي، ڪيس ۾ نامزد ڪيل شاگردن پنھنجي وڪيل عرفان احمد خاصخيلي معرفت درخواست داخل ڪرائي عدالت ۾ ايس ايچ او ڄامشورو خير محمد ملاح، جاچ آفيسر ۽ ٻيا پوليس عملدار پيش ٿيا. درخواستگذار وڪيل عدالت کي آگاھي ڏني ته سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن سنڌو درياءَ مان غيرقانوني ڪئنال ڪڍڻ خلاف احتجاج ڪيو ھو، پرامن احتجاج تي پوليس ڪڙڪي پئي، شاگردن تي لٺبازي ۽ شيلنگ ڪئي وئي پرامن احتجاج ڪندڙ شاگردن تي دھشتگردي ايڪٽ تحت ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو. عدالت ۾ ايس ايس پي ڄامشورو پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته سنڌ ھاء ڪورٽ جي 11.03.2025 تي جاري ڪيل حڪم نامي جي ڪاپي ملي ته ان معاملي بابت ڄامشورو پوليس اسٽيشن جي ايس ايچ او کان رپورٽ طلب ڪئي ايس ايچ او ڄاڻايو ته 04.03.2025 تي SIP محمد سليم پنهور، پوليس اسٽيشن ڄامشورو پاران سرڪار جي فرياد تي ڪيس نمبر 49/2025 قلم 324، 353، 341، 147، 148، 149، 427 PPC ۽ 6/7 ATA تحت داخل ڪيو ويو درخواستگذارن ۽ ٻين جي خلاف هو، جڏهن ته موجوده درخواستگذارن کي مٿين FIR ۾ نامزد ڪيو ويو هيءُ ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو آهي، تنهنڪري ان جي جاچ انسپيڪٽر (اس ايچ او ڪوٽڙي) ڏانهن منتقل ڪئي وئي جاچ مڪمل ٿيڻ بعد، ڪيس ۾ شاھديون نه ملڻ بعد ڪيس سي ڪلاس تحت ختم ڪيو ويو آھي، سنڌ ھاءِ ڪورٽ پاران ايس ايس پي ڄامشورو جي پيش ڪيل رپورٽ تي ڪيس ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.