”پوليس بااثر جي چرچ تي کنڀي تشدد دوران وڊيوز ڀريون آهن، جيئڻ نٿو چاهيان“: نوجوان پاران پاڻ مارڻ جي ڪوشش

0
276

نئون ڪوٽ: ڏيپلي واسي نوجوان پوليس ۽ بااثرن جي مبينا ظلم کان تنگ آپگهات جي ڪوشش ڪئي آهي، جڏهن ته ڳوٺاڻن نوجوان کي بچائي ورتو آهي

انتهائي قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪندڙ نوجوان رياض راهمون الزام هنيو آهي ته ڏيپلو پوليس بااثر وڏيرن جي چرچ تي شهر مان کنڀي نجي جيل ۾ ٻن ڏينهن تائين تشدد ڪري ويڊيو رڪارڊ ڪيون آهن

نوجوان دانهيو ته پوليس عملدارن ڌمڪيون ڏنيون ته وڏيرن خلاف آواز اٿاريندي ته هاف فراءِ ڪري ڇڏينداسين

نوجوان ٻڌايو ته ايس ايڇ او ڏيپلو رميز حيدر، شوڪت راهمون ۽ ٻين مون تي تشدد ڪري ويڊيو ٺاهي بااثرن کي موڪلي، جنهن تان تنگ ٿي مون خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، انصاف نه ٿيو ته ٻيهر پيٽرول هاري زندگي جو انت آڻيندس