جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي واپاري عدالت ۾ اڳوڻي سي آءِ اي انچارج سميت 5 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، پوليس تي 18 لک روپين جو چپڙي کڙ کڻي وڃڻ جو الزام، خبر موجب جيڪب آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالغفور ڪلهوڙو جي عدالت ۾ واپاري عبدالرسول خاراني اڳوڻي سي آءِ اي انچارج معشوق علي جکراڻي، اهلڪارن لال محمد پيچوهو، احسان علي ٿهيم، نواز علي، شمشاد علي خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ 22 اي بي درخواست داخل ڪرائي آهي، داخل ڪيل درخواست ۾ واپاري موقف اختيار ڪيو ته لال شهباز آئل مل کان 18 لک روپين جي چوپائي مال لاءِ چپڙي کڙ خريد ڪئي، جيڪا مزدا تي خالد رائس مل کڻائي اچي رهيو هئس ته اڳوڻي سي آءِ اي انچارج معشوق جکراڻي 5 اهلڪارن سميت مزدا کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڪاهي ويو ۽ 18 لک رپين جي کڙ گم ڪري ڇڏي، ملوث اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، واپاري عبدالرسول خاراني ٻڌايو ته سي آءِ اي انچارج ٻين اهلڪارن سان گڏجي مزدا ڊرائيور عزيز احمد کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي نشي آور انجيڪشن لڳائي 18 لکن جي کڙ کڻائي ويو، جڏهن ته مزدا جي ٽانڪي مان ڊيزل ڪڍي مزدا ڊرائيور تي ايراني ڊيزل رکڻ جو ڪيس داخل ڪيو آهي، هن چيو ته جنھن آئل مل تان چپڙي کڙ خريد ڪئي ان جون رسيدون موجود آهن، جيڪي عدالت ۾ جمع ڪرايون آهن.