ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس ۾ پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 15 ڊي ايس پيز جون مقرريون ڪيون ويون آهن. نوٽيفڪيشن موجب محمد رئيس خانزادا کي ڊي ايس پي انويسٽيگيشن حيدرآباد، علي گوهر شاهه کي ڊي ايس پي ڪمپلينٽ سيل ٺٽو، فضل علي قريشي کي ڊي ايس پي هيڊڪوارٽر ٺٽو، ذاڪر حسين کي ڊي ايس پي (ايس پي يو) ڪراچي، گل فراز عباسي، شرجيل منگي ۽ محمد نديم غوري کي ڊي ايس پي سيڪيورٽي (سي پي او) بلڊنگ، گل فراز کي ڊي ايس پي پبلڪ ڪمپلينٽ سيل چيف منسٽر هائوس مقرر ڪيو ويو. اهڙي طرح نظير مگسي، نسيم فاروقي، محمد سليم، طارق خٽڪ ۽ ظفر امين جون خدمتون ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي،منظور احمد جون خدمتون ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ ۽ اسد رضوي جون خدمتون ايڊيشنل آءِ جي ٽريننگ سنڌ حوالي ڪيون ويون آهن