حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر دلدار لغاري ۽ ٻين چيو آهي ته لينڊ پورٽ اٿارٽي بل سنڌ جي ٻيٽن ۽ سامونڊي پٽيءَ تي قبضي جو بل آهي. لينڊ پورٽ اٿارٽي کي سنڌ ۽ بلوچستان جا سامونڊي اثاثا وڪرو ڪرڻ جا اختيار ڏنا ويا آهن. هي بل ٻيٽن تي قبضن واري آرڊيننس (پاڪستان آئسلينڊ ڊولپمينٽ آرڊيننس) جو تسلسل آهي. هڪ بيان ۾ هنن چيو ته وڏي وزير مراد علي شاهه پاران اغوا وارداتن ۾ گهٽتائي اچڻ جي ڏنل بيان کي پيپلز پارٽي جي سنڌي عوام سان بيهودو مذاق قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اغوا وارداتن ۾ گهٽتائي نه پر اضافو ٿيو آهي، 10 مهينن دوران هزار کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿيا آهن، سوين اغوا ٿيا آهن، سوين عورتن سان جنسي ڏاڍايون ٿيون آهن، فقط هڪڙي شڪارپور ضلعي مان ئي 90 کان وڌيڪ ماڻهن جي اغوا جون رپورٽون داخل ٿيون آهن، سکر، ڪشمور_ڪنڌڪوٽ، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعا ڌاڙيلن جون ڪيٽيون بڻيل آهن. وڏو وزير آسمان تان لهي اچي زميني حقيقتون ڏسي، ڌاڙيلن نيشل هائي وي تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، ڌاڙيل بين الاقوامي ڪمپنين کي به ڀتي لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، اتر سنڌ جي ضلعن ۾ رياستي رٽ ڪمزور ٿي چڪي آهي، قبائلي جرڳن ذريعي خونين کان پئسا وٺي کين قانون جي جڪڙ کان آجو ڪيو پيو وڃي، عورتن کي ڪاري ڪري قتل ڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي پر وڏو وزير چئي ٿو ته امن امان جدي صورتحال بهتر آهي.