ڪراچي: سامونڊي مامرن جي وفاقي وزير قيصر شيخ ڪورنگي جي سامونڊي پٽي واري زمين ليز تي ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪالهه هتي پريس ڪلب ۾پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اسان جا ادارا 10 سالن ۾ 6 ارب نقصان ڪري چڪا آهن، هيل پورٽ قاسم 42 ارب ڪمايا، سٺو ڪم ڪندڙ ادارن جي ملازمن کي بونس ڏينداسين، جنهن جي شروعات پورٽ قاسم کان ڪبي، هن چيو ته پورٽ قاسم جي ڪورنگي ۾ موجود زمين کي ليز ڪنداسين،