اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمبر اختر حسين جو چوڻ آهي ته جوڊيشل ڪميشن ۾ ٻه رايا هئا، هڪ راءِ اها هئي ته پوري سپريم ڪورٽ کي آئيني ڪورٽ قرار ڏنو وڃي، ٻي راءِ آئيني بئنچ قائم ڪرڻ جي حق ۾ هئي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته جوڊيشل ڪميشن جي ميمبر اختر حسين چيو ته اجلاس ۾ چيف جسٽس سوڌو اختلاف ڪندڙ 5 ئي ميبرز جي راءِ هئي ته فل ڪورٽ جوڙي وڃي، جيڪا آئيني معاملن جي ٻڌڻي ڪري، جيڪڏهن ايئن ئي ڪرڻو هو ته پوءِ آئيني بينچز جي ڪهڙي ضرورت هئي، اجلاس ۾ پي ٽي آءِ ميمبرز اعتراض ڪيو ته ڪميشن مڪمل ناهي جنهن سان جسٽس منيب به اتفاق ڪيو، جسٽس منصور ۽ جسٽس منيب جي خط بابت سوال تي اختر حسين چيو ته 26هين آئيني ترميم ٿي چڪي آهي ان ڪري 26هين آئيني ترميم جو معاملو آئيني بينچ آڏو ئي مقرر ٿيندو.