سيوهڻ: ھن ڪورٽ جي احاطي ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي تانا خاصخيلي جي ڀيڻ دعا خاصخيلي چيو ته قتل ڪيس جي فيصلي ۾ پورو انصاف نه ملي سگهيو آهي، فيصلي خلاف ھاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪنديس، جوابدار کي ڦاسي جي سزا اچڻ گھرجي ھا ته جيئن ٻيھر اھڙا ڏوهه رڪجي سگهن ۽ خانو نوحاڻي جھڙا ڏوھاري پيدا ٿي نه سگهن. ياد رھي ته سيوهڻ لڳ جهانگارا ۾ زبردستي جي شادي کان انڪار ڪرڻ تي تانيا خاصخيلي کي 6 سال اڳ سيپٽمبر 2017 ۾ سندس امڙ، ڀيڻن ۽ ڀائرن سامهون جوابدار خانو نوحاڻي ٽن ساٿين سان گڏجي قتل ڪيو هيو.