پورهيت عورت معصوم ٻار جي فوت ٿيڻ تي ذهني توازن وڃائي ويٺي

0
37
پورهيت عورت معصوم ٻار جي فوت ٿيڻ تي ذهني توازن وڃائي ويٺي
پورهيت عورت معصوم ٻار جي فوت ٿيڻ تي ذهني توازن وڃائي ويٺي

متان منهنجو ٻچڙو جيئرو هجي…..جهوڪ شريف جي پورهيت عورت معصوم ٻار جي فوت ٿيڻ تي ذهني توازن وڃائي ويٺي

 شيخ برادري سان تعلق رکندڙ پورهيت عورت سارين جي ڪٽائي لاءِ 12 سالن جي پٽ سان گڏ جهوڪ شريف کان ورڪشاپ آئي هئي

 سارين جي ڪٽائي دوران عورت جي پٽ کي ڪنهن زهريلي جيت چڪ پاتو، نينگر سول اسپتال سانگهڙ ۾ دم ڏنو

 ڊاڪٽرز موجب نينگر جي سڄي جسم ۾ زهر پکڙجي چڪو هو، پورهيت عورت صدمي ۾ ذهني توازن وڃائي ويٺي، عورت پاران پٽ کي جيئرو سمجهي هن جي مٿان بار بار پنهنجو رئو وجهڻ ۽ لاهڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي

 جيءُ جهوريندڙ وڊيو سوشل ميڊيا يوزرز کي به سوڳوار ڪري ڇڏيو