ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه  چيو آهي ته پورھيت ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي حيثيت رکن ٿا، پيپلزپارٽي پورهيتن جي حقن جي تحفظ ۽ ڀلائي لاءِ سرگرم عمل رهي آهي. يوم مئي تي جاري ڪيل پيغام ۾ هن چيو ته پيپلز پارٽي حقيقي معنيٰ ۾ پورھيتن جي نمائنده سياسي جماعت آهي. سنڌ حڪومت پهرين جولاءِ 2024ع کان پورھيتن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ماھوار پگهار 37 هزار رپيا مقرر ڪئي آهي، جڏهن ته پورھيتن جي حقن لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، گهريلو ملازمن سميت سڀني پورھيتن جي رجسٽريشن مهم شروع ڪئي وئي آهي. هن ٻڌايو ته صوبي جي مختلف علائقن ۾ ورڪرز ماڊل اسڪولز ۽ ورڪرز انٽرڪاليجن جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، جتي پورھيتن جي ٻارن کي مفت ڪتاب، يونيفارم ۽ ٻيون ضروري سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ ذريعي پورهيتن لاءِ رهائشي اسڪيمون ۽ سندن ٻارن  لاءِ اسڪالرشپس شروع ڪيون  ويون آهن، هن چيوته خانگي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ پورھيتن جي تحفظ لاءِ سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوشن جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، جنهن ذريعي ملازمن ۽ سندن خاندانن کي علاج جون سهولتون ۽ حادثن جي صورت ۾ سڌي مالي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.