سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سان ملاقات ۾ مزدور اڳواڻن چيو تہ صوبي سنڌ جي پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 32 هزار روپيا في مهينو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، جنهن تي اڃا تائين صوبي ۾ عمل ناهي ٿي سگهيو. سنڌ جي نگران وڏي وزير سيڪريٽري ليبر کي هدايت ڪئي تہ ڪابينا جي سرڪيوليشن ذريعي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 32 هزار رپيا لاڳو ڪئي وڃي. سنڌ صوبي جي پورهئي واري کاتي ۾ ائين ٿو لڳي ڄڻ سونهاري سنڌ ۾ لکن جي تعداد ۾ رهندڙ پورهيتن جا سڀ مسئلا حل ٿي ويا هجن. هلندڙ مالي سال 2023 واري بجيٽ ۾ پورهيتن لاء صوبي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڏهاڙي ٻارنهن سو ٽيھ روپيا ڏهاڙي يعني ٻٽيھ هزار روپيا في مهينو پگهار مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ھو. چيئرمين سنڌ منيمم ويجز بورڊ، پورهئي واري کاتي جي صوبائي سيڪريٽري ۽ ٻين گڏجي سرمائيدارن سان ملي ڪري ڄاڻي واڻي سنڌ جي سرمائيدارن سان ونگار وهندي انهن سان ٻانهن ٻيلي ٿيو بيٺا آھن. پھرين جولائي 2023 کان اها پگهار ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو ھو. افسوس سان چوڻو ٿو پوي تہ چار مهينا گذري چڪا آهن پر سنڌ حڪومت عمل ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي. ٻين لفظن ۾ ائين ٿو لڳي ڄڻ پورهئي ۽ انساني وسيلن وارو کاتو، ڊائريڪٽر ليبر سنڌ، جوائنٽ ڊائريڪٽرز، ليبر انسپيڪٽرز ۽ ٻيا سرمائيدارن جا ساٿاري ھجن. هنر مند ۽ غير هنرمند ورڪرن وارو نوٽيفڪيشن اڃان تائين جاري ئي نہ ڪيو ويو آھي. مهينن جي انتظار ڪرڻ بعد نوٽيفڪيشن تي عمل نہ ڪرڻ سان مسئلو انهن ملازمن لاء آهي، جيڪي اوور ٽائيم تي رڪجي ڊيوٽي ڪن ٿا يا جن کي ڪارخاني مان يا ڪنهن اداري مان انتظاميا پاران نوڪري تان لاٿو وڃي ٿو يا خدانخواسته ڪنهن ملازم جي وفات ڪري وڃڻ جي صورت ۾ بہ پورهيت ويچارا پنهنجين بقاياجات واري رقم وٺڻ کان محروم رهن ٿا.
سنڌ جي ليبر کاتي پاران سڄي سنڌ ۾ ڪٿي بہ شڪايتي مرڪز قائم ئي نہ ڪيو ويو آھي. هاڻي جيڪڏهن ڪو پورهيت پنهنجي روزگار کي داءَ تي لڳائي مل يا ڪارخاني يا ڪنهن اداري جي سربراه جي نا انصافين جي شڪايت منسٽر ليبر کي ڪري ٿو تہ ان جو نتيجو ان پورهيت کي نوڪري مان ڪڍڻ تائين، بہ نہ ٿو اچي. منسٽر جي آفيس ۾ اداري جي شڪايت لکجي ٿي ته اتان وري ان درخواست کي اهي سيڪريٽري ڏانهن اماڻين ٿا. سيڪريٽري وري ان شڪايت کي ڊائريڪٽر جنرل ليبر سنڌ ڏي موڪلي ٿو. ڊائريڪٽر ليبر وري جوائنٽ ڊائريڪٽر ليبر کي، جوائنٽ ڊائريڪٽر ليبر وري ان اداري جي سربراھ ڏانھن ۽ ان کان پوءِ اداري جي سربراھ پاران پورھيت ويچاري مٿان سخت دٻاء آڻي ان جي پنهنجي روزگار تان ھٿ کڻڻ تائين مشڪلاتن کي منهن ڏي ٿو. پورهيت مشڪل تڪليفون برداشت ڪرڻ وارو سفر دل تي پٿر رکي ڪري قبول ڪري ٿو. نالي وارن مشهور اداررن ۾ اڄ به پنهنجن ملازمن کي 17 کان 22 هزار روپيا في مهينو پگهار ملي ٿي. ظلم جي انتها ايستائين نہ آھي. انهن کان 8 جي جاءِ تي 12 ڪلاڪ ڊيوٽي به وٺن ٿا۔ جڏهن تہ انهن ويچارن کي پوري مهيني ۾ هڪ ڏينهن جو آرام بہ نصيب ۾ نہ آهي. 2010 ۾جڏهن پي ٽي سي ايل جي هڪ پرائيويٽ سيڪيورٽي گارڊ ان وقت جي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي خط لکيو ھو. چيف جسٽس صاحب ان پورهيت جي لکيل خط تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو ۽ ان وقت گهٽ ۾ گھٽ پگهار 7 ھزار روپيا في مهيني تي عمل ڪرايو هو. ٺيڪيداري نظام جي ور چڙهيل پورهيت خاندانن جي ڪيل پورهئي جو اجورو گهٽ ملڻ ڪري غربت جي لڪير کان بہ هيٺين زندگي گذارڻي پوي ٿي. اسان سمجهون ٿا تہ ملڪ ۾ اڪثر صنعتي ادارا ۽ ڪارخانا فيڪٽريز ايڪٽ تحت رجسٽرڊ ئي نه آهن. جنهن جي ڪري پورهيتن کي سالالياني الائونس، ميڊيڪل الائونس ۽ ٻيون بنيادي سهولتون نٿيون ڏنيو وڃن. وقت جي تقاضا آھي تہ پورهيتن جي وڌايل پگهار وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ۽ ان لاء فوري طور تي هڪ مڪينزم تيار ڪرڻ گهرجي تہ جيئن اداري جو سربراه قانون تي عمل ڪندي جلد واجبات ادا ڪري. ظلم جي لت سان سرمائيدار پاران هر هڪ کي ناحق ٻوڙي مارڻ وارو سلسلو هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي.