سکر (بيورو رپورٽ) پوڄا ڪماري قتل ڪيس ۾ جوابدار عدالت  پيش، وڌيڪ 4 ڏينھن جي جسماني رمانڊ تي  3 جوابدار پوليس حوالي، ان ڏس ۾ روھڙي ويجھو پٽڻي ٿاڻي جي حد ۾ ڪجھه ڏينھن اڳ ۾ قتل ٿي ويل  ناري پوڄا ڪماري قتل ڪيس ۾ گرفتار 3 جوابدارن واحد بخش لاشاري، رئيس لاشاري ۽ سائين بخش لاشاريءَ کي روھڙيءَ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پوليس جوابدارن جو 10 ڏينھن جو جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ بعد  عدالت کان وڌيڪ جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي وئي، جنھن تي عدالت ٽنھي جوابدارن کي وڌيڪ 4 ڏينھن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آھي. جڏھن ته جوابدارن کي ٻيھر 5 اپريل تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو به عدالت حڪم ڏنو آھي.