پوئتي ويندڙ معاشرو

0
51

اسان جي ملڪ ۾ اهڙن ماڻهن جي کوٽ ناهي جيڪي پنهنجي لاءِ سڀ ڪجهه چاهيندا آهن پر ٻين لاءِ ڪجهه به نه، ڀارتي رياست تامل ناڊو جي فشريز واري وزير جوراب نه پسڻ جي انوکي فرمائش ڪري ڇڏي جنهن بعد ان کي اتي موجود مهاڻن هنج ۾ کنيو، واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي جنهن تي تبصرو ڪندي وي آءِ پي ڪلچر خلاف آواز اٿاريو پيو وڃي. ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب تامل ناڊو رياست جو فشريز وزير انيتا آرراڌا ڪرشنن سامونڊي چاڙهه جي اثرن جي جاچ لاءِ دوري تي هو، دلچسپ صورتحال تڏهن پيدا ٿي جڏهن سمنڊ تي پهچڻ تي وزير ٻيڙي تان لهڻ کان انڪار ڪيو، جنهن جو ڪارڻ مهانگا ڪپڙا ۽ جوتا خراب ٿيڻ ٻڌايو پيو وڃي. وزير پاران اهڙو خدشو ظاهر ڪرڻ تي اتي موجود هڪ مهاڻي وزير کي هنج ۾ کڻي ورتو، اهڙو ئي واقعو شهنشاهه ايران جي دور ۾ به پيش آيو هو جڏهن هڪ وزير صاحب پنهنجا ڪپڙا بچائڻ لاءِ پنڌ هلڻ بدران ماڻهن جي ڪلهي تي سوار ٿي ويو هو.
`نٿيا گلي ۾ روڊ تي ڪار هلائيندڙ هڪ عورت کي ٽريفڪ وارڊن قانون جي ڀڃڪڙي تي روڪيو، اها عورت ايتري قدر چڙي پئي جو هن وارڊن کي تشدد جو نشانو بڻايو، واٽهڙو ان کي باجي باجي، آپا آپا چوندا رهيا بس ڇڏيو پر باجي نه ٻڌڻ جو قسم کنيو هو، ايبٽ آباد جي پوليس سربراهه ٽيليفون تي ئي وارڊن کي معطل ڪري ڇڏيو. گلگت بلتستان جي وزيراعليٰ جي مهمانن لاءِ مختلف کاتن جون سرڪاري گاڏيون مهمانن لاءِ طلب ڪيون ويون. سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ هلي رهي آهي ته لاهور ماڊل ٽائون فيملي پارڪ ۾ هڪ اميرزادو پنهنجي پٽ کي مهانگو ڦوڪڻو وڪڻڻ جو الزام لڳائيندي ڦوڪڻا وڪڻندڙ تي پالتو ڪتو ڇڏي ڏنو، ڪتي ٻارنهن ورهين جي ڦوڪڻا وڪڻندڙ نينگر کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو، ان کي زخمي ڪرائڻ بعد ظالم درندو ماڻهن کي قتل جون ڌمڪيون ڏيندو پنهنجن ٻارن کي گاڏي ۾ کڻي فرار ٿي ويو. اهڙي قسم جا واقعا هر ايندڙ ڏينهن پيش ايندا آهن ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته اهي ماڻهو جن تي گذري ٿي اهي برداشت ڪري خاموش ٿي ويندا آهن. اثر رسوخ وارا موقعي تي ڪاوڙ ڪڍي وٺندا آهن، شايد ڪجهه ئي واقعا هوندا جن تي ماڻهو عدالت ويا هوندا ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته اهي ماڻهو عدالتن جا چڪر لڳائڻ کان بچڻ چاهيندا آهن. انهن کي خبر آهي ته سندن ڪير به نه ٻڌندو. عدالتن ۾ ايڏا ته چڪر لڳائڻا پوندا آهن جنهن سان انهن جو وقت ضايع ٿي ٿيندو آهي جنهن به ماڻهو کان پڇو ته عدالتن ۾ ڇو نٿا وڃو ته ان جو جواب هڪ ئي هوندو آهي ته ٿيڻو ڪجهه به نه آهي، ابتو وقت ضايع ٿيندو آهي ان لاءِ جان ڇڏرائيندا آهن. عدالتن ۽ جج صاحبن به ڪو خصوصي اجلاس ڪري ان تي غور ئي ناهي ڪيو ۽ حل ناهي ڳوليو. اڪثر شهرن ۾ صارفين کي شڪايتن جي ٻڌڻي لاءِ عدالتون موجود آهن انهن جي ڪارڪردگي عام عدالتن جي مقابلي ۾ ڪافي بهتر آهي شڪايت جو فوري ازالو ڪيو ويندو آهي.
وزيراعظم تازو ئي اعلان ڪيو هو ته وزارتن ۾ پروٽوڪول ختم ڪيو ويندو، صرف بيان ڏيڻ سان معاملو حل نه ٿيندو، قانون کي پوري قوت سان لاڳو ڪرڻو پوندو، سڄي دنيا جي ملڪن ۾ جتي جتي انقلاب آيو آهي ان جو هڪ عام سبب قانون تي عملدرآمد نه ٿيڻ هو يا لاقانونيت جي ڪري عوام بيزار. عوام جي اها بيزاري انقلاب جو سبب بڻجي وئي. ملڪ ۾ قانون هڪ طبقي جي لاءِ پر ٻيا طبقا ان کان آجا. پاڪستان ۾ قانون تي عملدرآمد انسان ۽ ان جي حيثيت ڏسي ڪيو ويندو آهي. اها ناڪام معاشرن جي سڃاڻپ آهي. هي ان معاشرن جي سڃاڻپ آهي جيڪي تنزلي جو شڪار ٿيندا آهن. پروٽوڪول جي بيماري پراڻي آهي لکين ڪوششون ڪريو اها بيماري ختم نه ٿيندي، وزير هجي، اسيمبلي ميمبر هجن، وڏا آفيسر هجن يا ڪنهن اهم شخصيت جا مائٽ، انهن جا نخرا ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿا وٺن، انهن کي هر سهولت بنا معاوضي گهرجي. سرڪاري گاڏي ته معمول جي ڳالهه آهي، رهائشگاهه مفت هجي، کاڌو مفت هجي، هوائي جهاز ۾ سفر جون سهولتون، تفريح مفت هجي، اسيمبلي ميمبرن کي نهايت گهٽ قيمت تي کاڌو فراهم ڪيو ويندو آهي، اهو سڀ ڪجهه آخرڪار ڇا آهي ۽ ڇو آهي؟ ٻيو رخ اهو آهي ته اسلام آباد ۾ هڪ برسات جي نتيجي ۾ ڇا ٿي ويو، ڪراچي ۾ ٿيندڙ برسات جي نتيجي ۾ ڇا ٿيندو رهيو آهي، حيدرآباد ۾ بجلي جي فراهمي جو ٽرانسفارمر ڦاٽڻ سبب 11 ماڻهو فوت ٿي ويا متاثرن تي قيامت برپا ٿي وئي پر بجلي فراهم ڪندڙ ادارن يا ضلعي آفيسرن مان ڪنهن کي توفيق نه ٿي ته متاثرن وٽ لڙي وڃي، انهن جي داد رسي ڪن ها. ايس ايس پي سلام شيخ متاثرن کي ملاقات لاءِ پنهنجي آفيس گهرايو جڏهن ته ٿيڻ ايئن گهرجي ته پاڻ انهن جي پاڙي ۾ انهن وٽ وڃي ها، سمورن کاتن جي آفيسرن جو رويو ايئن ئي ٿي ويو آهي، ڄڻ عوام آفيسرن جو محڪوم آهي. هي حڪمراني ۽ محڪوميت جو غرور عجيب آهي ان جي ڪري اسان تباهي کي منهن ڏئي رهيا آهيون، غور ۽ فڪر ڪرڻ بعد انهن سڀني واقعن جي بنيادي سبب تلاش ڪيو وڃي ته ثابت ٿيندو ته پاڪستان ۾ لاقانونيت وڌي چڪي آهي ان پٺيان رشوت آهي. هر واقعو ۽ سمورن واقعن جو بنياد لاقانونيت جي ڪري آهي، پوري ملڪ جي نظام ۽ سمورن محڪمن کي ايئن لڳندو آهي ته عارضي طور هلايو پيو وڃي، ڪنهن کي ان ڳالهه جي پرواهه ناهي ته سڀاڻي ڇا ٿيندو، نالن تي اڏاوت ڪرڻي هجي، ناقص مرمت ٿيل ٽرانسفارمر لڳائڻا هجن، ڪنهن کي ڌونس ڌمڪي ڏيڻي هجي ڪنهن کي قتل ڪرڻو هجي، ڪنهن جي ملڪيت تي قبضو ڪرڻو هجي، جيڪو ڪجهه به ڪرڻو هجي بنا خوف ۽ خطري جي ڪري سگهجي ٿو. قانون خلاف ڪم ڪندڙن کي علم آهي ته ٿيڻو ڪجهه به ناهي، ڪير به نه پڇندو، رشوت ڏئي جان ڇڏائبي، هي اهڙو زهر آهي جنهن جي ڪري محروم ماڻهو گهڻو متاثر آهن. ماڻهو وڏي واڪي چوندا آهن ته اهي ڪهڙي ملڪ ۾ رهن پيا جتي انهن کي بنيادي سهولت ئي ميسر ناهي، تعليم، علاج، صحت، پيئڻ جي پاڻي، بجلي جي فراهمي، ٽرانسپورٽ جي سهولت ناهي، گهر لاءِ حڪومت زمين جو ٽڪرو فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام آهي، سڀ کان وڌيڪ اهم ذميواري حڪومت جي پنهنجي عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ فراهم ڪرڻ آهي، عام ماڻهو لاءِ ته حڪومت پاران جان ۽ مال جو تحفظ فراهم ڪرڻ خواب آهي، دنيا جي ٻين ملڪن ۾ عوام کي جيڪي سهولتون آهن اهي پاڪستان ۾ ڇو نه آهن پاڪستان ۾ ان جي ذميواري ڪنهن تي لاڳو ٿئي ٿي.