دوحه (م ڊ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ڀارت کي پهلگام واقعي جي آزاداڻي ۽ غيرجانبدار جاچ جي آڇ ڪئي آهي، پاڪستان هميشه جارحيت جي پاليسي کي رد ڪيو آهي، دنيا جي سامهون واقعي جي حقيقت اچڻ گهرجي ته اصل ذميوار ڪير آهي، دوحه ۾ وفاقي وزير محسن نقوي سان قطري هم منصب خليفه بن حمان بند خليفه الثاني ملاقات ڪئي، گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻه طرفي لاڳاپن سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، محسن نقوي علائقائي صورتحال تي قطر جي وزير کي پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ بعد پاڪستان جي اصولي موقف کان آگاهه ڪيو.