نئين دهلي(م ڊ) ڀارتي سرڪار پاڪستان سان سنڌ طاس معاهدو معطل ڪري ڇڏيو، ڀارت ۾ موجود پاڪستانين کي 48 ڪلاڪن ۾ ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏيندي ويزائون رد ڪيون ويون، واهگه بارڊر بند ڪيو ويو، سفارتي لاڳاپا اڻ اعلانيه ختم ڪيا ويا ، جڏهن ته سفارتڪارن کي به ڪڍڻ جو حڪم ڏنو ويو. پهلگام حملي کانپوءِ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي صدارت هيٺ سلامتي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس، ڀارتي پرڏيهي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو آهي ته سارڪ تحت پاڪستانين لاءِ ويزا بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سمورن پاڪستانين جا ڀارتي ويزا ڪينسل ڪيا پيا وڃن، ڀارت ۾ موجود پاڪستانين کي 48 ڪلاڪن ۾ ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو آهي، پاڪستاني اٽاري چيڪ پوسٽ رستي واپس وڃي سگهن ٿا، ڀارت پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي دفاعي، فوجي، بحري ۽ فضائي اٽاشي کي اڻوڻندڙ شخصيت قرار ڏئي ڇڏيو، ڀارتي دفاعي اتاشي کي پاڪستان مان واپس گهرائڻ جو اعلان ڪري ورتو، ڀارتي پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي سموري عملي کي 7 ڏينهن ۾ واپس وڃڻو پوندو، پاڪستان ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن جي عملي کي محدود ڪيو ويندو، پهرين مئي تائين ڀارتي هاءِ ڪميشن جو عملو 55 سيڪڙو مان گهٽجي 30 سيڪڙو ٿي ويندو