لاهور (شوبز نيوز) سينيئر اداڪار جاويد شيخ به ڀارت جي گدڙ ڀڀڪين تي چپ نه رهي سگهيو. والاريل ڪشمير ۾ پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارت سوچڻ سمجهڻ کانسواءِ ۽ بنا ڪنهن ثبوت جي حملي جو سڄو الزام پاڪستان تي مڙهيو ۽ جنگ جي ڌمڪي به ڏني. حملي جي ڌمڪي کانپوءِ پاڪستانين طرفان به منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جو چتاءُ ڏنو پيو وڃي ۽ ان ڏس ۾ شوبز انڊسٽريءَ سان واڳيل ڪجهه شخصيتون به ڀارت جي اڳرائيءَ خلاف ميدان تي اچي ويون آهن، سينيئر اداڪار جاويد شيخ سوشل ميڊيا تي وڊيو پيغام جاري ڪئي جنهن ۾ هن وطن سان محبت ۽ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، سينيئر اداڪار چيو ته ڀارت بنا ڪنهن ثبوت جي حملو ڪيو ته اسان به سخت جواب ڏينداسين، هن وڌيڪ چيو ته اِها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته اڌ ڪلاڪ جي اندر اندر ايف آءِ آر داخل ٿي وئي ۽ حملي جو ذميوار پاڪستان کي قرار ڏنو ويو.