پهلگام واقعو، وزيراعظم جو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان رابطو، ڀارت جي الزامن کان آگاهي

0
25
ڀارت سان ڇڪتاڻ، قومي سلامتي جي ذميواري آءِ ايس آءِ سربراهه حوالي، آمريڪا جو شهباز سان رابطو: ڀارت کي اڳرائي کان روڪيو: وزيراعظم
ڀارت سان ڇڪتاڻ، قومي سلامتي جي ذميواري آءِ ايس آءِ سربراهه حوالي، آمريڪا جو شهباز سان رابطو: ڀارت کي اڳرائي کان روڪيو: وزيراعظم

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان وزيراعظم شهباز شريف جو ٽيليفونڪ رابطو،پهلگام واقعي تي ڀارت جي الزامن کان آگاهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو، پهلگام واقعي تي جاچ ۾ سهڪار جي آڇ ڪري چڪا آهيون، ان باوجود ڀارت سنڌ طاس معاهدو معطل ڪري پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام خلاف قدم کنيو، ڀارت جي ڪنهن به اڳڀرائي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو، گڏيل قومن جو پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ ڳالهيون ڪرڻ تي زور، انتونيو گوتريس جي نائب ترجمان چيو آهي ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ هر قدم جي حمايت ڪئي ويندي