پوني (انٽريسٽنگ نيوز) اڄ ڪلهه غير ملڪي بلاگرز ۽ انفلوئنسرز لاءِ وائرل ٽرينڊ بڻجي ويو آهي ته اهي مختلف پڪوان آزمائين ۽ ان جو ذائقو وٺندي پنهنجي ردعمل کي رڪارڊ ڪن، عوام اهڙي ردعمل جون وڊيوز ڏسڻ ۾ هميشه دلچسپي رکندو آهي، ڇو ته اسان کي معلوم هوندو آهي ته ٻين ملڪن جا ماڻهو اسان جي کاڌي جي باري ۾ ڇا سوچيندا آهن، هڪ تازي وڊيو ۾ هڪ ڏکڻ ڪوريائي انفلوئنسر کي ڀارت ۾ گلاب جامن کائيندي ڏٺو ويو، جنهن بعد سندس تاثر وائرل ٿي ويو آهي، وڊيو کي انسٽاگرام تي صارف ڪيلي ڪوريا شيئر ڪيو، جيڪا انفلوئنسر آهي ۽ هن وقت مهاراشٽرا جي شهر پوني ۾ رهي رهي آهي، وڊيو ۾ ڪيلي گلاب جامن جو پيالو پڪڙي تجسس ۾ نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته اها چوي ٿي ته ان کي خبر نه آهي ته ان کي ڪيئن کاڌو وڃي، ته ڪجهه راهگير گلاب جامن کي اڌ ڪٽڻ جو مشورو ڏين ٿا، ان بعد اها هڪ ننڍو حصو ڪٽي وٺي ٿي ۽ کائي ٿي، اها ان جي “محبت” ۾ گرفتار ٿي وڃي ٿي ۽ چوي ٿي ته اهو گرم، نرم ۽ ڪريمي آهي، پوءِ اها مٺائي جو هڪ ٻيو حصو کائي ٿي ۽ چوي ٿي، “واهه! مون کي هي پسند آهي، ڀارتي سوئيٽ ڊش آهي! مون کي اها وڻي وئي آهي.”.