اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نگران وفاقي حڪومت پاران 29 ارب رپين جا ترقياتي فنڊ جاري ڪرڻ لاءِ تياري ڪري ورتي. وفاقي حڪومت مواصلات واري وفاقي وزير جي چيئرمين شپ هيٺ چئن وفاقي وزيرن ۽ 9 سينيٽرز سميت 24 رڪني ڪاميٽي جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪاميٽي کي ترقياتي اسڪيمن لاءِ فنڊز جاري ڪرڻ يا روڪڻ جو اختيار هوندو. ذريعن مطابق پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو وفاقي نگران حڪومت پاران ترقياتي اسڪيمن لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، جنهن تحت 29 ارب رپيا ترقياتي فنڊز جي مد ۾ جاري ڪيا ويندا. ذريعن مطابق وفاقي ڪابينا 24 رڪني ڪاميٽي جي منظوري ڏني آهي، جنهن جو چيئرمين مواصلات واري وفاقي وزير شاهد اشرف تارڙ کي مقرر ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي تحليل ٿيڻ بعد اسٽيئرنگ ڪاميٽي ختم ٿيڻ سبب فنڊز جاري ڪرڻ واري عمل کي روڪيو ويو هو. هلندڙ مالي سال ۾ ترقياتي اسڪيمن لاءِ 90 ارب رپيا مختص ڪيا ويا هئا، جاري فنڊز به رولڙي جو شڪار هئا. پيپلز پارٽي ڪافي ڀيرا فنڊز جاري ڪرن جو مطالبو ڪيو آهي.