لنڊن (انٽريسٽنگ نيوز) دنيا ۾ روبوٽس جو استعمال تيزي سان وڌندو پيو وڃي ۽ انهن کي مختلف مقصدن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، پر هاڻي پهريون ڀيرو هڪ انسان جهڙي روبوٽ جي تيار ڪيل پينٽنگ تاريخ جوڙڻ واري آهي، ڇو ته ان کي نيلام ڪيو پيو وڃي، آئي ڊا نالي ان روبوٽ مشهور ڪمپيوٽر سائنسدان ايلن تورنگ جو پورٽريٽ تيار ڪيو آهي، جنهن کي اي آءِ گاڊ جو نالو ڏنو ويو آهي، ان پينٽنگ کي نومبر 2024 ۾ نيلام ڪيو ويندو ۽ اميد آهي ته اها هڪ لک 80 هزار ڊالرز (5 ڪروڙ پاڪستاني رپين کان ڌيڪ) ۾ وڪرو ڪئي ويندي، ان روبوٽ جي اکين ۾ ڪيمرا لڳل آهن، جڏهن ته هائڊرولڪ هٿن سان اهو پنهنجي مرضي سان ڪجهه به پينٽ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، اها پينٽنگ 7 فٽ وڏي آهي ۽ روبوٽ طرفان آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ۽ ڪمپيوٽنگ ٽيڪنالاجيز ۾ ايلن تورنگ جي ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو آهي، اهو روبوٽ اهڙيون ڪيتريون ئي پينٽنگز تيار ڪري چڪو آهي، آءِ ڊا جي اندر موجود اي آءِ لينگوئج ماڊل ان کي ماڻهن سان رابطو ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿو، پر ان جي مدد سان اهو ربوٽ شاعري به ڪري سگهي ٿو، اهو ربوٽ ڏسڻ ۾ ڪنهن عورت وانگر آهي ۽ ان کي دنيا جي ڪجهه ايڊوانسڊ روبوٽس مان هڪ قرار ڏنو ويو آهي، برطانيه سان تعلق رکندڙ ايڊن ميلر ان روبوٽ کي 2019ع ۾ تيار ڪيو هيو، انسانن جهڙي شخصيت هئڻ باوجود اهو روبوٽ هلڻ جي صلاحيت نٿو رکي.