ڀان سيدآباد: منڇر واسي محمد يعقوب ملاح چيو ته جڏهن منڇر ڍنڍ جي پاڻي جي سطح 122 آر ايل هئي ته اسان پنهنجا گهر خالي ڪري سيوهڻ لعل باغ وٽ عارضي خيما هڻي اچي ويٺاسين، اسان هن آفت سان وڙهڻ بجاءِ پنهنجي زندگي نئين سر گذارڻ جو

فيصلو ڪيو، منڇر جي ڀرپاسي وارن ضلعن ۾ ٻوڏ آئي ته مهاڻن جون ٻيڙيون ئي آمد و رفت جو واحد ذريعو آهن،ان لاءِ اسان پهريان ننڍي ٻيڙي ٺاهيندا هياسين جيڪا  7 کان 10 فوٽ اونهي ٻيڙي هوندي هئي جيڪا مڇي مارڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿي ته چار مسافر کڻي سگهن ٿيون. پر هاڻي ٻوڏ سبب اسان 30 فوٽن واري وڏي ٻيڙي ٺاهڻ به شروع ڪئي آهي جنهن ۾ 25 کان 30 ماڻهو آساني سان ويهي سفر ڪري سگهن ٿا.