پهرين ڪرپٽ بڻائي پوءِ انهن کي اقتدار ڏيندا آهن، حڪمرانن جو ڪارن جهنڊن سان استقبال ڪنداسين: اپوزيشن جو اعلان

0
48
پهرين ڪرپٽ بڻائي پوءِ انهن کي اقتدار ڏيندا آهن، حڪمرانن جو ڪارن جهنڊن سان استقبال ڪنداسين: اپوزيشن جو اعلان
پهرين ڪرپٽ بڻائي پوءِ انهن کي اقتدار ڏيندا آهن، حڪمرانن جو ڪارن جهنڊن سان استقبال ڪنداسين: اپوزيشن جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ اپوزيشن جي قومي ڪانفرنس، حڪومت تي رنڊڪون وجهڻ جا الزام، ڪانفرنس ۾ گڏيل ايجنڊا جوڙڻ تي غور ڪيو ويو ۽ عيد بعد تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويندو، مخالف ڌر اڳواڻن چيو ته آئين سان کيڏڻ بند ڪيو وڃي، جمهوريت جا چيمپئن سڏائيندڙ ڪٿي آهن؟ پهرين ڪرپٽ بڻائي پوءِ انهن کي اقتدار ڏنو ويندو آهي، چيف جسٽس مرضي جي بينچ به نٿو جوڙي سگهي، سمورن مسئلن جو حل آئين ۾ موجود آهي، هي جمهوريت کان ڊنل آهي. اپوزيشن اتحاد جي سربراهه محمود خان اچڪزئي اسلام آباد ۾ اپوزيشن جي قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ڳجها ادارا ماڻهن کي پهرين ڪرپٽ ڪري فائل ٺاهيندا آهن، پوءِ کين اقتدار ڏيندا آهن، 1947ع ۾ آزادي ملِي پر اُن جو ثمر اڃا هيٺئين سطح تي منتقل نه ٿيو آهي، عوام کي حڪمراني جي حق ۾ ڀائيوار نه ڪيو ويو آهي، حق گهرڻ تي فوري الزام لڳندا آهن ۽ غدار قرار ڏنو ويندو آهي، هن چيو ته آئين سان کيڏڻ جي روايت قبول ناهي، حڪمرانن جو ڪارن جهنڊن سان استقبال ڪيو ويندو، هي اهو الائنس آهي جيڪو پاڻ ٺهيو آهي ڪنهن اِن کي ناهي ٺاهيو. اسان هتي ڪنهن جي بادشاهي قبول نه ڪنداسين، قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب عيد کانپوءِ پي ٽي آءِ جي تحريڪ بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته اِن حوالي سان اپوزيشن اڳواڻ گڏجي فيصلو ڪندا، هن چيو ته ڪانفرنس ۾ ملڪ جي مستقبل تي بحث ڪيو ويو، اسان سڀ جمهوري ماڻهو آهيون، ملڪ کي مضبوط ڪرڻ جون ڳالهيون ٿيون، هوٽل انتظاميا جو چوڻ هو ته اسان تي دٻاءُ آهي. اسان سڀاڻي ضرور اينداسين اسان چيف جسٽس جو دورازو کڙڪائينداسين، شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اپوزيشن جي گرينڊ الائنس کي گڏيل لائحه عمل جوڙڻ گهرجي، سياسي پارٽين ۾ اختلاف هوندا آهن پر آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ سڀ متفق آهيون، جيستائين قانون ۽ آئين جي بالادستي نه ٿيندي ملڪ ۾ سياسي افراتفري هوندي ۽ معيشت نه هلندي، هن چيو ته آئين جو لفظ حڪومت لاءِ خوفناڪ لفظ بڻجي ويو آهي، ملڪ ۾ آواز کي دٻائڻ لاءِ قانون ٺاهيا ويندا آهن، عدليه کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪئي وئي، هن چيو ته ڪانفرنس ۾ آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني تي بحث ٿيو، ڪانفرنس ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته اڄ چيف جسٽس پنهنجي مرضي سان بينچ نه ٿو ٺاهي سگهي، آئيني ڪيس نه ٿو ٻڌي سگهي، سوموٽو نوٽيس نه ٿو وٺي سگهي، آءِ ايم ايف جهڙو ادارو به مجبور ٿيو ته چيف جسٽس کان پڇون ته عدل جو نظام ڪيئن هلي رهيو آهي؟ هن چيو ته جمهوريت نه هوندي ۽ عوام جي راءِ جو احترام نه ٿيندو ته ملڪ نه هلي سگهندو، بدقسمتي سان اڄ ملڪ ۾ قانون ٺهي رهيا آهن ته عوام جو آواز ڪيئن دٻائجي، ڪهڙي مجبوري آهي جو اوهان ملڪ ۾ سياسي انتشار ختم نه ڪري سگهيا آهيو، اسلام آباد ۾ قومي ڪانفرنس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته گذريل هفتي کان ڪانفرنس جي ڪوشش ڪري رهيا هئاسين، حڪومت هڪ ڪانفرنس کان ڊِڄي رهي آهي، هوٽل انتظاميا کي ڪجهه ماڻهن اچي ڌمڪايو ته ڪانفرنس جي صورت ۾ هوٽل کي بند ڪيو ويندو، قومي ڪانفرنس ڪوٺائڻ اسان جو حق آهي ۽ اُها ضرورت ٿيندي، بدقسمتي آهي جو جهموريت جون ڳالهيون ڪندڙ پاڻ جمهوريت کان ڊنل آهن. جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جو مسئلو آهي، ڪٿي آهي سي سي آءِ؟ ميڊيا به سنڌ کي وساري ڇڏيو آهي، آئين کي سدائين خطرو هو ۽ رهندو، پاڻ کي جمهوريت جا چيمپيئن سڏائيندڙ ۽ آئين جا درس ڏيندڙ ڪٿي آهن؟ سمورن مسئلن جو حل آئين ۾ موجود آهي، فوج هجي يا عدالت سمورن ادارن کي مضبوط ٿيڻو پوندو. هن چيو ته آئين کي هميشه خطرو هيو ۽ رهندو، اهڙيون ترميمون اچي رهيون آهن جيڪي آئين جي خلاف آهن، هن چيو ته خوشي ٿئي ها جيڪڏهن رضا رباني اڄ هتي هجي ها، هن ڪانفرنس لاءِ رستا بند ڪيا ويا، اسان کي هن ملڪ سان همدردي آهي، اسان مسئلا حل ڪرڻ چاهيون ٿا، صاحبزاده حامد رضا چيو ته هي ملڪ اسان جي بزرگن ٺاهيو هو، توهان سڀني مڪتب فڪر جي آوازن کي نٿا دٻائي سگهو، ڪجهه به ٿئي سڀاڻي  (اڄ) ڪانفرنس ٿيندي. سلمان اڪرم راجا چيو ته اسان فاشزم متعلق ڳالهائينداسين، باني چيئرمين جي آواز کي اوهان نٿا دٻائي سگهو. اسان قانون جي حڪمراني جو مطالبو ڪنداسين، اسان جي آواز کي ڪير به دٻائي نٿو سگهي. ساجد ترين چيو ته هن ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ اتحاد جي ضرورت آهي، حڪمران رڪاوٽون پيدا نه ڪن، اسد قيصر چيو ته ڪانفرنس ۾ قومي ايجنڊا ٺاهڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. ملڪ امن امان جي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي، پنجاب ۾ چورن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي ذميواري آهي ته قوم کي متحد ڪريون ان خلاف جنهن اسان جو حق کسيو آهي، اسد قيصر چيو ته ڪانفرنس جو موضوع آئين جي بالادستي آهي، شاهد خاقان عباسي جي ميزباني ۾ ٿيل اپوزيشن اتحاد جي ڪانفرنس ۾ جي ڊي اي طرفان سيد زين شاهه صفدر عباسي، ڊاڪٽر فهميدا مرزا ۽ حسنين مرزا به شريڪ ٿيا.