لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان پهرين ٽي 20 ميچ ۾ بنگلاديش کي 37 رنسن تان هارائي ڇڏيو. ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي پاڪستان 20 اورون ۾ 201 رنسون ٺاهيون ۽ ان جا 7 رانديگر آئوٽ ٿيا. فخر زمان 1 ۽ صائم ايوب جي 0 تي آئوٽ ٿيڻ باوجود پاڪستان جي ٽيم وڏو اسڪور ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي. جنهن ۾ محمد حارث جي 31، ڪپتان سلمان آغا جي 56، حسن نواز جي 44 ۽ شاداب خان جي 48 رنسن جو مک ڪردار هو. خوشد شاهه 5 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. فهيم اشرف 11 ۽ حسن علي هڪ رنس تي ناٽ آئوٽ رهيا. بنگلاديش جي شريف الاسلام 2، مهدي حسن، حسن محمود، تنظيم حسن ثاقب، رشد حسين ۽ شميم حسين هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ مهمان ٽيم 19.2 اوورن ۾ 164 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. تنزيد حسن 31، ڪپتان لٽن داس 48، جاڪر علي 36 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. حسن علي 5، شاداب خان 2، فهيم اشرف، خوشدل شاهه ۽ سلمان آعا هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. شاداب کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.