حيدرآباد: پهرين مرحلي ۾ ڪيل مقررين ۽ بدلين ۾ اڪثر ڪري من پسند آفيسرن کي نوازي کين 2-2 چارجون حوالي ڪيون ويون آهن جڏهن ته چيف انجنيئر سطح جا آفيسر هٽائي سندن جاءِ تي ايس ايز سطح جي آفيسرن کي پنهنجي گريڊ کان وڌيڪ جي عهدي جون ذميواريون ڏنيون ويون آهن. ذريعن موجب حيسڪو ۾ پنهنجا نوازي جي پاليسي جي ڪري اڪثر سينيئر آفيسرن ۾ بيچيني پکڙجي وئي آهي. چيو پيو وڃي ته ٻئي مرحلي ۾ جلد ئي آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون وينديون.