سکر/خيرپور/ڪوٽڏيجي (نمائندن وٽان) سکر ۾ پهريون ڀيرو لوڪ سهائتا ميراٿن منعقد ٿي گذريو، مردن لاءِ ڪوٽڏيجي قلعي کان آءِ بي اي سکر تائين 42 ڪلوميٽر جو ريس (ڊوڙ) ٿي 3 هزار کان وڌيڪ ايٿليٽڪس مان پاڪستان واپڊا جي سهيل عامر 2 ڪلاڪ 30 منٽ 38 سيڪنڊ ۾ پبلڪ اسڪول پهچي پهرين پوزيشن ماڻي، پاڪستان نيوي جي شهباز 2 ڪلاڪ 31 منٽ 14 سيڪنڊ تي پهچي ٻئين ۽ نوجوان ذوالفقار 2 ڪلاڪ 32 منٽ 15 سيڪنڊ تي پهچي ٽئين پوزيشن ماڻي ورتي. جڏهن ته اُڀڙي کان پبلڪ اسڪول تائين 10 ڪلو ميٽر ڊوڙ ۾ 700 عورتن حصو ورتو. عورتن ۾ پهرين پوزيشن چترال جي رهواسڻ کان کان آيل نتاشه حاصل ڪئي. ٻئين پوزيشن ڪراچي جي ممتاز، ٽئين پوزيشن سحرش حاصل ڪئي. اختتامي تقريب ۾ مهمان خاص سيد خورشيد احمد شاهه، صوبائي وزير ذوالفقار شاهه، ترجمان سنڌ حڪومت ارسلان اسلام شيخ، لوڪ سهائتا جي سربراهه اڳوڻو ڊي آئي جي پير محمد شاهه، ايس ايس پي سکر امجد احمد شيخ ڊوڙ ۾ پهرين پوزيشن ماڻيندڙ کي پنج لک روپين تائين نقد انعام سان نوازيو ويو. آخر ۾ موسيقي جو پروگرام به منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ملڪ نامور فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.