اسلام آباد: ارسلا جي ايڊوائزري ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ سنڌ جي آبپاشي سيڪريٽري ظريف کيڙو ۽ ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر احسان لغاري مطالبو ڪيو ته سنڌ کي انڊيٽ مطابق پاڻي فراهم ڪرڻ کانپوءِ بچت وارو پاڻي ڊيمن ۾ گڏ ڪيو وڃي ته پوءِ سنڌ کي ڪو به اعتراض نه هوندو. پر سنڌ کي ملندڙ پاڻي اُن مقدار ۾ سنڌ ۾ نٿو پهچي ۽ سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ رهي ٿي. جنهن دوران به ڊيمن ۾ پاڻي گهٽ ٿئي ٿو. جيڪو عمل سنڌ لاءِ نقصانڪار آهي. جيڪڏهن ارلي خريف جي پهرين مهيني ۾ ڊيم گهٽ ڀري سنڌ کي انڊيٽ موجود پاڻي ڏنو وڃي ها ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جي اها صورتحال نه هجي ها.