ھر انسان جي جسم ۾ ڪيتريون ئي شيون آھن، جھڙوڪ، دل آھي، جگر آھي ۽ زبان آھي وغيرہ وغيرہ، انھن مان ھر ھڪ جي پنھنجي پنھنجي اھميت آھي، اڄوڪي صحبت ۾ ٻين مڙني کي ڇڏي، فقط انسان جي زبان بابت ڪي ڳالھيون بيان ڪجن ٿيون. قرآن پاڪ ۾ ارشاد آھي تہ، ماڻھن سان سُھڻو ڳالھايو، انسان جو وڏو مان ۽ مرتبو آھي. اشرف المخلوقات آھي، “احسن تقويم” جو تفسير آھي. “مسجود ملائڪ” آھي، الله پاڪ مٽيءَ مان جڙيل انسان کي اھڙو مقام عطا ڪيو، جو ملائڪن ان کي سجدو ڪيو، جنھن سجدو نہ ڪيو سو ھميشہ لاءِ لعنتي ٿي ويو. سچل سائين فرمايو:
مَلڪن ٿي سجدا ڪيا، واھ مِٽي تُنھنجو مُلھ.
انسان لاءِ لازم آھي تہ، جيڪا گفتگو ڪري سا سندس شان ۽ مان مطابق ھجي ۽ اھا ھلت ھلڻ گُھرجي، جيڪا سندس شايان شان ھجي، مرزا قليچ بيگ فرمايو آھي:
ھل رستو سو ھميشہ، ھت توکي جو ٺھي ٿو.
حضرت ابوبڪر رضہ فرمايو آھي تہ، مصيبت جي پاڙ (بنياد) انسان جي گفتگو آھي. (جيڪا ھُو زبان سان ڪري ٿو)، حضرت عثمان رضہ جو فرمان آھي تہ، زبان جو ٿِڙڻ، پيرن جي ٿاٻي کان وڌيڪ خطرناڪ آھي، حضرت علي رضہ فرمايو آھي تہ، زبان اھو جانور آھي، جيڪڏھن ان کي ڇيڪ ڇڏي ڏيندئو تہ، اھو اوھان کي ماري کائي ڇڏيندو. خواجہ حسن بصري رحه فرمايو آھي تہ، ڏاھي انسان جي زبان سندس دل جي ھيٺان (تابع) ھوندي آھي، ھُو جڏھن ڪُجھ چوڻ چاھيندو آھي تہ پھريائين دِل سان صلاح مشورو ڪندو آھي. جيڪڏھن اھا ڳالھ فائدي واري ھوندي آھي تہ، چوندو آھي، نہ تہ ماٺ ۾ رھندو آھي. جاھل جي زبان سندس دل جي مٿان ھوندي آھي. ھُو دل سان ڪا صلاح مشورو نہ ڪري سگھندو آھي، جو ڪجھ سندس زبان تي ايندو آھي، سو بنان ڪنھن سوچ ويچار جي ڦھڪائي ڏيندو آھي. حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي اھا ڏاھپ واري ڳالھ ھڪ ئي مصرع ۾ ھن ريت بيان ڪئي آھي:
مُفتي منجھ وھار، تہ قاضي ڪاڻيارو نه ٿئين.
يعني اڳ ۾ پنھنجي من جي مفتي کان فتويٰ وٺي ان ڳالھ موجب ڪندين تہ توکي ڪنھن قاضيءَ جي ڪاڻ ڪڍندي ڪونہ پوندي.
حضرت سفيان رضه بن عبدالله ثقفي جو چوڻ آھي تہ، ھڪ ڀيري مون حضور صلعم جن کي عرض ڪيو تہ، خدا جا رسول صه، مون کي ڪا اھڙي ڳالھ ٻڌايو، جنھن کي مضبوطيءَ سان پڪڙيان. پاڻ سڳورن صہ فرمايو، “چئه تہ منھنجو پروردگار الله آھي، ان ڳالھ تي قائم رھ. مون وري پاڻ سڳورن صلعم کي عرض ڪيو تہ، “اي خدا جا رسول صلعم توھان جي خيال ۾ ڪھڙي شئي سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ آھي؟” پاڻ سڳورن صلعم پنھنجي زبان پڪڙي چيو تہ، ھي! (ترمذي) حضرت معاذ رضہ بن جبل کان روايت آھي تہ مان ھڪ سفر ۾ نبي سونھاري صلعم سان گڏ ھئس، سندن ڀرسان وڃي عرض ڪيم تہ، اي خدا جا رسول صلعم مون کي ڪو اھڙو عمل ٻڌايو، جنھن سان جنت ۾ وڃان، دوزخ کان بچي وڃان. حضور صلعم جن فرمايو تہ تو ھڪ وڏي ڳالھ پڇي آھي، اھا ڳالھ البتہ ان شخص لاءِ آسان آھي، جنھن لاءِ خُدا آسان ڪري (پوءِ پاڻ سڳورن صلعم فرمائڻ شروع ڪيو) تون الله جي عبادت ڪر، ان سان ڪنھن کي شريڪ نہ ڪر، نماز قائم ڪر، زڪوات ادا ڪر، رمضان جا روزا رک ۽ خانا ڪعبہ جو حج ڪر. نبي سڳوري صلعم کيس ٻيا بہ نيڪ عمل ٻڌايا، ان کان پوءِ فرمايائون، مان توکي ان ساري معاملي جو سڀ کان اھم حصو ٻُڌايان؟ عرض ڪيم تہ ڇو نہ، يا رسول الله صلعم (ضرور ٻڌايو)، پاڻ سڳورن صلعم پنھنجي زبان مبارڪ پڪڙي فرمايو، “ھن کي روڪي ڇڏ”، مون عرض ڪيو، اي خدا جا نبي صلعم ڇا اسان انھن ڳالھين جي ڪري پڪڙيا وينداسون جيڪي ھن زبان سان ڪريون ٿا؟ پاڻ سڳورن صلعم (از راھِ محبت) فرمايو، “اي معاذ تنھنجي ماءُ تولاءِ روئندي، ھي ماڻھن جي زبان مان نڪتل ڳالھيون ئي تہ آھن، جيڪي کين، منھن ڀر يا نڪ ڀر دوزخ ۾ وجھنديون”.
زبان مان نڪتل ڳالھين جا بہ ڪي قسم آھن. مثال طور، غيبت ۽ بھتان وغيرہ، غيبت ان کي چئبو آھي جو ڪو شخص ڪنھن جي پرپٺ گِلا ڪري، توڙي ان جي اھا ڳالھ سچي ھجي، غيبت ائين آھي، جيئن ڪو شخص پنھنجي مُئل ڀاءُ جو گوشت کائي. غيبت ڪرڻ جو ھڪ وڏو نقصان اھو آھي تہ ان جون نيڪيون، ان شخص کي ملنديون، جنھن جي ھن غيبت ڪئي.
خواجہ حسن بصري رحه کي ڪنھن شخص ٻڌايو تہ، فلاڻي ماڻھوءَ توھان جي غيبت ڪئي، اھو ٻڌي خواجہ حسن بصري رحه غيبت ڪرڻ واري کي کارڪن جو ٽوڪرو موڪلي ڏنو، چوائي موڪليائين تہ، توھان پنھنجون نيڪيون منھنجي اعمال نامي ۾ شامل ڪيون. ان احسان جي بدلي جي مون ۾ سگھ نہ آھي، مان ھي کارڪون شڪراني طور توھان کي موڪلي رھيو آھيان. “بھتان ان کي چئبو آھي تہ ڪنھن تي الزام مڙھيو وڃي يا عيب جوئي ڪئي وڃي، جيڪڏھن اسان ڪنھن جا عيب ظاھر ڪنداسون تہ، ھو اسان جا عيب ظاھر ڪندو، ائين دشمنيون وڌي وينديون ۽ جھيڙا جھڳڙا شروع ٿي ويندا، اخلاق جي تقاضا آھي تہ، اھڙين ڳالھين کان پاسو ڪرڻ گھرجي”.
ھڪ ڀيري حضرت ابو دردا رضہ لقمان حڪيم جي ڏاھپ ۽ فضيلت جو ذڪر ڪندي فرمايو تہ، “ان ۾ جيتريون خوبيون ھيون، سي کيس خانداني ورثي طور نہ مليون ھيون، ھو ھڪ سچو ۽ کرو انسان ھو، ھر ڪم ۾ سوچ ويچار ڪرڻ ۽ ان تي گھري نظر وجھڻ وارو شخص ھو. ھڪ ڀيري سندس مالڪ ھڪ ٻڪريءَ ڏانھن اشارو ڪندي چيس تہ، ھيءَ ٻڪري ڪُھي ان مان گوشت جو بھترين ٽڪرو کڻي اچ. ھن ٻڪري ڪُھي ان جي دل ۽ زبان کڻي اچي مالڪ جي آڏو رکي. ڪجھ ڏينھن کان پوءِ مالڪ ھڪ ٻي ٻڪري گھرائي کيس چيو تہ، ھن ٻڪري جو تمام خراب گوشت جو ٽڪرو کڻي اچ. ھُو ٻڪري ڪُھي وري ٻڪري جي زبان ۽ دل کڻي آيو. اھو ڏسي سندس مالڪ عجب ۾ پئجي ويو. کانئس پڇيائين تہ، ھي ڇا آھي؟ سُٺي بہ ساڳي شئي تہ خراب بہ ساڳي شئي. لقمان چيو تہ، سائين دل ۽ زبان پاڪ ھجي تہ، انسان کان بھتر ڪا بہ شئي ناھي پر جيڪڏھن اھي ٻئي پاڪ نہ ھجن تہ، انھن کان وڌيڪ خراب شئي ڪا بہ ناھي.
زبان بابت ڪي چوڻيون مشھور آھن، جن مان ٻہ ٽي ھتي پيش ڪجن ٿيون.
* ترار جو زخم ڇُٽي سگھي ٿو پر زبان جو زخم ڇُٽي نٿو سگھي.
* زبان آھي ننڍڙي پر آھي وِھُ جي ڳنڍڙي.
* اھا ئي زبان اُس ۾ ويھاري، اھا ئي زبان ڇانءُ ۾ ويھاري.
اسان روز گفتگو ڪندا رھون ٿا پر افسوس جو زبان تي ضابطو رکڻ بجاءِ ان کي ڇڙواڳ ڇڏي ڏنو آھي. بي احتياطي ۽ لاپرواھي سبب ڏينھون ڏينھن دشمنيون وڌي رھيون آھن، ڪڏھن تہ خُون بہ ٿي وڃن ٿا ۽ شاعر ڪھڙو نہ سھڻو شعر چيو آھي:
“نقطي جو فرق آھ زبان ۽ زيان ۾
پنھنجي زبان سان ظالم، پنھنجو زيان نہ ڪر”.