اسين ھڪ ڳالھه اڪثر جاين تي ٻڌندا آھيون ته دنيا ھڪ ڳوٺ مثل آھي، جنھن سبب معلومات جي اچ وڃ ۾ تمام تيزي آئي آھي انھي جو ھڪ سبب انٽرنيٽ جھڙا ذريعا آھن. انهي رابطن جي تيزي ۽ چٽاڀيٽي سبب هڪ طرف ته معلومات تمام جلد پھچي ٿي ته ٻئي طرف اها پھچندڙ معلومات مستند ھجڻ نه ھجڻ جھڙا سوال اٿاري ٿي. جنھن سبب مفيد ۽ منفرد معلومات تي شڪ شبها جنم وٺن ٿا. جنھن جو تازو مثال سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سنڌ جي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر جو پي ٽي آئي اڳواڻ جھانگير ترين بابت ٽوئيٽ آھي جنھن ۾ ھن ٻڌايو ته پي ٽي آئي اڳواڻ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين سان ملاقات بعد پارٽي ۾ شامل ٿيڻ وڃي رھيو آھي، اھا خبر اھڙي ته پکڙي جو جھانگير ترين کي ترديد ڪرڻي پئجي ويئي، بعد ۾ اھا ٽوئيٽ شھلا رضا هٽائي ڇڏي.
آمريڪن پريس انسٽيٽيوٽ مطابق صحافت جي تعريف ڪجھه ھن طريقي سان ٿيل آھي ته “ اھڙي سرگرمي جنھن ۾ خبر يا معلومات کي سھيڙڻ، سمجھڻ، ٺاھڻ ۽ پيش ڪرڻ کي صحافت سڏجي ٿو، اھا صحافتي سرگرمي ھڪ پراڊڪٽ يا ادارو به ٿي سگھي ٿي.”
ھاڻ انھي آمريڪن اداري جي صحافت جي تعريف کي خصوصي طور سنڌ ۽ عام طور ملڪي صحافتي سرگرمين سان ڀيٽ ڪجي ته اسان کي خبر پئجي ويندي ته اسين انھي اھم ۽ ملڪ جو چوٿين ٿنڀ طور سڏجندڙ شعبي ۾ ھن جديد دور ۾ڪيتري جدت آندي آھي. سنڌي صحافت جي تاريخي ذريعن ۾ جيڪڏهن اخباري تاريخ کي ڏسجي ته سنڌ سڌار اخبار سڀ کان پراڻي اخبار طور 1884ع ۾ ڇپي ۽ ان بعد حاجي عبدالله ھارون 1920ع ۾ الوحيد نالي اخبار آندي جنھن آزادي واري تحريڪ ۾ تمام زبردست ڪردار ادا ڪيو، انھي کانپوءِ باقائده سنڌي اخبار جو دور شروع ٿئي ٿو ۽ وقت ۽ حالتن مطابق ڪافي اخبارون شايع ٿيون، بند ٿيون ۽ ڪجھه اڄ به شايع شايع ٿين پيون. ڪافي اخبارون اھڙيون شايع ٿيون جن سنڌي اخباري صنعت تي حڪمراني ڪئي. ھاڻ ڏسڻو اھو آھي ته اھڙو ڇا ٿيو جو اھي اخبارن پنھنجي حڪمراني وڃائي ويٺيون؟ منھنجي خيال ۾ ھڪ ئي سبب ٿي سگھي ٿو ته انھن اخبارن پنھنجو پاڻ کي جديد لاڙن مطابق نه لاڙيو. ٿورو گھرائي سان ڏسجي ته سوشل ميڊيا خاص طور فيس بڪ، واٽسپ، ٽوئيٽر، انسٽاگرام ۽ مختلف ويب سائيٽن جديد صحافت کي امتحان واري صورتحال ۾آڻي بيھاري ڇڏيو آھي. سمارٽ فون ھڪ عام ماڻھو کي رپورٽر ٺاھي ڇڏيو آهي جيڪا خبر اسانکي اخبارن جي ڪري سڀاڻي ملڻي آھي اھا خبر اسانکي سوشل ميڊيا معرفت واقعي جي ٿيڻ مھل يا ٿيڻ کان پوءِ ڪجھه ئي لمحن ۾ ملي وڃي ٿي. اڄ ڪلھه سنڌي ميڊيا ۾ ھڪ نئون ٽرينڊ وڏي تيزي سان وڌي رھيو آھي، پي ڊي ايف اخبارون ۽ ويب ٽي وي. اسانجي ملڪ ۾ قانوني پڪڙ نه ھجڻ سبب ميڊيا به لاقانونيت جو شڪار آھي. انھي لاقانونيت جو ھڪ ئي فائدو نظر اچي ٿو اھو آھي ڪافي پڙھيا لکيا نوجوان روزگار سان لڳي ويا آھن پر شعبي کي ٿيندڙ نقصان تمام گھڻا آھن، جھڙوڪ بليڪ ميلنگ، پروفيشنلزم جو نه ھجڻ، افواھن جي پکيڙ، جھيڙن جھڳڙن کي ھٿي وغيره. انھي صورتحال ۾ پڙھندڙ ڇا ٿو چاھي؟ سرسري جائزي مطابق معلومات جي گهڻائي سبب سڀ کان پھريان پڙھندڙ چاھي ٿو ته ھن تائين پھچندڙ خبر مستند ھجي، ذريعو مستند ھجي، سستي ھجي ۽ اڄ ڪلھه جا جديد لاڙا ھڪ ئي جڳھه تي ھجن انھي کانسواءِ رنگيني جو ھجڻ به ويليو ايڊيڊ ثابت ٿي سگھي ٿو.
سنڌي جديد صحافت جي باني علي قاضي جنھن سنڌ صحافت ۾ ڪاوش، ڪي ٽي اين ۽ ڪشش جھڙا ادارا نه رڳو متعارف ڪرايا پر انھن کي عروج تي به پھچايو. سبب ڪھڙا به ھجن، انهي اداري کي الوداع ڪرڻ کانپوءِ علي قاضي ھڪ باقائده جديد صحافت جي ضرورتن مطابق ھڪ نئون ميڊيا ھائوس وجود ۾ آندو، جنھن جو سڀ کان پھريون چئلينج بھترين ٽيم ھو، علي قاضي پاڻ سر ويھي ڪري ھڪ ننڍي کان ننڍي ۽ وڏي کان وڏي شھر مان رپورٽرن جا انٽرويو ڪيا ۽ انھن مان سليڪٽ ٿيل ساڳي شھر جي رپورٽرن کي ٽرائيل بنيادن تي ڪم ڪرايو ان بعد رپورٽر فائنل ڪري ھڪ بھترين ٽيم جوڙي جنھن جي بھترين ۽ سڀ کان اول واري جذبي اخبار کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. “پنھنجي اخبار” صرف ٻن سالن ۾ اھو مقام حاصل ڪري ورتو آھي جيڪو ٻاھتر سالن کان شايع ٿيندڙ اخبارون به حاصل ناھن ڪري سگھيون، ھاڻ ڏسجي ته اھو ڇا آھي جنھن “پنھنجي اخبار” کي سنڌي جي ٻين اخبارن کان بلڪل منفرد ۽ واضح مقام ڏياريو آھي؟. سڀ کان پھريان اداري جي مالڪي جيڪا علي قاضي جي صورت ۾ موجود آھي جنھن وٽ جديد صحافت جو ھڪ وسيع تجربو آھي. ٻيو حاضر وقت جي ضرورتن مطابق خبرون ۽ معلومات پھچائڻ جنھن لاءِ “پنھنجي اخبار” ٻن طريقن سان ماڻھن وٽ پھچي ٿي. پھريون طريقو آن لائن ورجن جنھن ۾ خبرون جيئن ٿين ٿيون تيئن ڇپجن ٿيون (ياد رھي ته “پنھنجي اخبار” جي آنلائين ورجن کانپوءِ ساڳيو طريقو ٻين اخبارن به شروع ڪري ڇڏيو آھي پر اڃان اھو ڪجھه ناھن ڪري سگھيون جيڪو “پنھنجي اخبار” جي آن لائين يا ڊجيٽل ٽيم ڪري پئي.). پنھنجي اخبار جي طاقت انجو ايڊيٽوريل صفحو آھي جتي ھڪ بھترين پاليسي تحت سنڌي جي ناليوارن ليکڪن کانسواءِ نئين ٽھي جي ليکڪن کي لکڻ جو ڀرپور موقعو ڏنو ويو آھي ۽ انھي نواڻ سبب ڪافي نوان چھرا ۽ انھن جون لکڻيون عوام تائين پھتيون آھن.فالو اپ وارو حصو، اڪثر واقعا رپورٽ ته ٿي وڃن ٿا پر فالو اپ نه ھجڻ سبب آھي واقعا وقت ۽ حالتن جي ور چڙھي ٿا وڃن، “پنھنجي اخبار” سنڌي صحافت ۽ اخباري صنعت ۾ ھڪ نواڻ اھا آندي ته ھر اھم واقعي جو باقائده فالو اپ رکيو ۽ ڇاپيو جنھن سبب ڪيترائي واقعا ۽ مسئلا حل ٿيا. “پنھنجي اخبار” سوشل ميڊيا جي سرگرمين کي مد نظر رکندي “پنھنجي سوشل ميڊيا” جي معلومات تي به نظر رکي باقائده سان سنڌ جي مختلف مسئلن تي سروي ۽ راءِ جو سلسلو شروع ڪيو. ھونئن ته سڀني اخبارن ۾ ايڊيٽر ڏانھن خط لاءِ ايڊيٽوريل صفحي تي مخصوص جاءِ ھوندي آھي پر “پنھنجي اخبار” انھي ايڊيٽر ڏانھن خط واري حصي کي “پنھنجن جون چٺيون” نالي سان سڃاڻپ ڏني ۽ پڙھندڙن جي خطن کي سندن تصويرن سان شايع ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو، جنھن سبب ڪافي دوستن لکڻ شروع ڪيو. قانون ۽ ڪورٽن جي خبرن کي به پنھنجي اخبار ھڪ صفحي تي مخصوص جاءِ ڏني ۽ ڪورٽ، ڪيس ۽ قانون جي حوالي سان خبرن کي ھڪ جاءِ تي سھيڙي عوام تائين پھچايو. باقي راندين، شوبز، مڪاني ادارن، دلچسپ ۽ عجيب دنيا کانسواءِ صنعت، زراعت ۽ واپار تي ٻڌل خبرن کي به ٻين اخبارن جي ڀيٽ ۾ مناسب جاءِ ملي ٿي.
“پنھنجي اخبار” جي پوري سٿ کي سنڌ جي بھترين ۽ تمام وڏي اخبار بنائڻ تي سرواڻ علي قاضي سميت سڄي سٿ کي مبارڪباد پيش ڪجي ٿي جن “پنھنجي اخبار” کي پنھنجن جو آواز بڻايو آھي.