پنگريي ۾ 200 فوٽ ڊگهي انساني زنجير ۽ ٽائيم نيوز جو لوگو ٺاهي ايڪتا جو وچن

0
16
پنگريي ۾ 200 فوٽ ڊگهي انساني زنجير ۽ ٽائيم نيوز جو لوگو ٺاهي ايڪتا جو وچن
پنگريي ۾ 200 فوٽ ڊگهي انساني زنجير ۽ ٽائيم نيوز جو لوگو ٺاهي ايڪتا جو وچن

پنگريو  (رپورٽ: علي مراد شاهه) پنگريو ۾ ايڪتا جا رنگ نکري پيا، اسڪول ۾ ھر طرف ثقافتي ويس پھريل گلن جھڙا ٻارڙا اجرڪ ۽ ٽوپيون پهريل نظر آيا، پنگريو گورنمينٽ ھائيرسيڪنڊري اسڪول ۾ استادن ۽ شھرين پاران ايڪتا تقريب منعقد ڪري انساني زنجير ٺاھيندي ايڪتا ڏينھن ڀرپور نموني ملھائڻ جو وچن ورجايو ويو، جڏھن ته شاگرن ٽائيم نيوز جو لوگو ٺاھي 200سئو فوٽن جي ڊگھي انساني زنجير ٺاھي اجرڪ جا پرچم بلند ڪيا ويا ۽ ٽائيم نيوز جي بينر اڳيان وڊيوز ٺاھي جھمريون ھنيون ويون. ان موقعي تي ايڪتا تقريب ۾ آيل مھمانن ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر احمد خان زنئور، تعلقه آفيسر فيض اڍيجو، دلاور حليو، شفقت پنڃارو، گلزار سرائي، ضلع ڪائونسل ميمبر مير زاھد ٽالپر ۽ ٻين شھرين ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي جي سڏ تي پهرين ڊسمبر ايڪتا ڏينھن “انتھا پسندي کان آجي سنڌ” جي سري ھيٺ ملھائڻ جو وچن ورجايو، ٻي پاسي تقريب ۾ حفيظ لغاري، ولي محمد چانڊيو، حفيظ ڪپري، قائم محمد شاهه ۽ دوست محمد ڪپري سنڌي قومي گيت پيش ڪيا، جنھن تي آيل مھمانن کين انعام ڏنا، حيدر علي دلواڻي، انصار لغاري، منصور شاهه ۽ ٻين انتھا پسندي کان آجي سنڌ عنوان تي روشني وڌي جنھن تي تاڙيون وڄائي خوب داد ڏنو ويو، جنھن بعد ڪاشف گروپ گھوٽ ڪنوار جو ٽيبلو پيش ڪري مختلف ثقافتي رنگ پيش ڪيا، نومان گروپ مزاحيه خاڪو پيش ڪيو، فرمان شاهه گروپ قومي گيتن تي ڊانس پيش ڪئي، نبي بخش نھڙيو پاوا وڄائي تقريب ۾ ويٺل حاضرين تي وجد طاري ڪري ڇڏيو.